ايندڙ سال اي آءِ جي مدد سان ٿيندڙ سائبر حملن ۾ اضافو ٿيندو: بل گيٽس

واشنگٽن- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) مائيڪروسافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس مصنوعي ذهانت جي غير منظم استعمال سان وڌندڙ خطرن کان خبردار ڪندي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ سال اي آءِ جي مدد سان ٿيندڙ سائبر حملن ۾ اضافو ٿيندو. پرڏيهي ميڊاي موجب بل گيٽس چيو ته مصنوعي ذهانت جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيڻ جو خطرو ڊگهي مدي ۾ ڳڻتي جو سبب آهي،ان ڪري فوري طور تي وڌيڪ خطرو …

واشنگٽن- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) مائيڪروسافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس مصنوعي ذهانت جي غير منظم استعمال سان وڌندڙ خطرن کان خبردار ڪندي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ سال اي آءِ جي مدد سان ٿيندڙ سائبر حملن ۾ اضافو ٿيندو. پرڏيهي ميڊاي موجب بل گيٽس چيو ته مصنوعي ذهانت جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿيڻ جو خطرو ڊگهي مدي ۾ ڳڻتي جو سبب آهي،ان ڪري فوري طور تي وڌيڪ خطرو انهن عنصرن مان آهي جيڪي مناسب حفاظتي قدمن کانسواءِ موجوده اي آءِ نظامن جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ بل گيٽس چيو ته ايندڙ سال مصنوعي ذهانت سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شعبو سائبر حملا ٿي سگهن ٿا. هن زور ڏنو ته سڀ کان وڏو خطرو بد نيتي تي ٻڌل ماڻهن پاران جديد اي آءِ ماڊلز جي غلط استعمال ۾ آهي، خاص طور تي جڏهن ان ۾ موجود حفاظتي ڪنٽرولز ۽قدم ختم ڪيا وڃن. بل گيٽس خبردار ڪيو ته جديد ترين اي آءِ ماڊلز تائين غير محدود پهچ جي نتيجي ۾ ايندڙ سال خاص ڪري سائبر سيڪورٽي جي شعبي ۾ ڪيترا ئي ناڪاري ۽ غير متوقع صورتحال سامهون اچي سگهي ٿي.

مزید خبریں