بيروت- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) لبنان چيو آهي ته ملڪ ۾ 2 مارچ کان جاري ڇڪتاڻ دوران اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 4 هزار 387 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 12 هزار 424 زخمي آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي صحت واري وزارت ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڏکڻ لبنان ۾ هڪ شهري شهيد ٿي ويو، جتي اسرائيلي فوج جون حزب …
لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 4 هزار 387 ٿي ويو، 12 هزار 424 ڄڻا زخمي

مزید خبریں
بيروت- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) لبنان چيو آهي ته ملڪ ۾ 2 مارچ کان جاري ڇڪتاڻ دوران اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن جو انگ وڌي 4 هزار 387 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 12 هزار 424 زخمي آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب لبنان جي صحت واري وزارت ”ايڪس“ تي جاري پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڏکڻ لبنان ۾ هڪ شهري شهيد ٿي ويو، جتي اسرائيلي فوج جون حزب الله خلاف ڪاروائيون جاري آهن. وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيل نبطيه صوبي جي شهر ڪفرتبنيٽ ۽ طلوسه تي هوائي حملا ڪيا، جڏهن ته بيتليف، مجدل زون ۽ ياطر جي علائقن تي توپن سان بم باري ڪئي وئي، فوري طور تي انهن حملن ۾ جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.











