واشنگٽن- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته روس ۽ يوڪرين هڪ انرجي جنگبندي تي متفق ٿي ويا آهن، جنهن جو مطلب ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي توانائي انفراسٽرڪچر تي حملو نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر چيو ته اها جنگبندي فوري طور تي اثرائتي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هن ڪي به تفصيل فراهم ناهن ڪيا. يوڪرين جي …
ڊونلڊ ٽرمپ پاران روس ۽ يوڪرين ۾ انرجي جنگبندي جي دعويٰ

مزید خبریں
واشنگٽن- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته روس ۽ يوڪرين هڪ انرجي جنگبندي تي متفق ٿي ويا آهن، جنهن جو مطلب ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي جي توانائي انفراسٽرڪچر تي حملو نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر چيو ته اها جنگبندي فوري طور تي اثرائتي ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هن ڪي به تفصيل فراهم ناهن ڪيا. يوڪرين جي صدر شروعاتي طور تي ان اعلان تي حيرت جو اظهار ڪيو پر بعد ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ماسڪو ان جي حمايت ڪري ٿو ته سندس ملڪ به ان جي حمايت ڪندو. هن آمريڪي نيوز ويب سائيٽ سان ڳالهين دوران چيو ته انرجي جنگ بندي جو اطلاع هن لاءِ هڪ خبر هئي.ان کان هن اڳ سوشل ميڊيا تي لکيو ته هن جا عملدار روس سان آمريڪا جي ڳالهين جي واضح تفصيلن جا منتظر آهن.











