اسلام آباد - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف “وزيراعظم فيول سبسڊي اسڪيم” ۾ وفاق سان صوبن جي تعاون کي ساراهيندي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ته ان اسڪيم مان گهٽ کان گهٽ هڪ ڀيرو فائدو کڻندڙن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي چڪو آهي، اهو پختو عزم، اڻٿڪ لڳاءُ، وابستگي ۽ اڻٿڪ ڪوششن تي ٻڌل بهترين ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي جنهن تي …
وزيراعظم فيول سبسڊي اسڪيم مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو فائدو کڻندڙن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي چڪو آهي، وفاق سان صوبن جو تعاون ساراهه جوڳو آهي، اهو بهترين ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف، شزه فاطمه خواجه کي تمغو ڏيڻ جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف “وزيراعظم فيول سبسڊي اسڪيم” ۾ وفاق سان صوبن جي تعاون کي ساراهيندي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ته ان اسڪيم مان گهٽ کان گهٽ هڪ ڀيرو فائدو کڻندڙن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي چڪو آهي، اهو پختو عزم، اڻٿڪ لڳاءُ، وابستگي ۽ اڻٿڪ ڪوششن تي ٻڌل بهترين ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي جنهن تي وزير ۽ لاڳاپيل ادارا ساراهه جا مستحق آهن، عوام جي سهولت جي لاءِ اها اسڪيم جاري رهندي، ان اسڪيم جي لاءِ 75 ارب رپين جا فنڊز رکيا ويا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن وزيراعظم فيول سبسڊي اسڪيم ۾ ڊيجيٽل طريقيڪار سان شفاف انداز ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ مستحقين کي سڌوسنئون سبسڊي فراهم ڪرڻ تي وزيرن ۽ آفيسرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۽ پذيرائي جي حوالي سان تقريب سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن چيو ته جهڙي طريقي سان وفاق صوبن جي مدد سان مڪمل يڪجهتي سان پيٽرول سبسڊي فراهم ڪئي، ان کي ساراهيان ٿو، اهو اسان جو هڪ تمام اهم قدم هو ۽ آهي، ان ۾ خطرا به تمام گهڻا هئا، بيشمار ڳالهيون ٿيون، پر اسان سڀني الله جو نالو وٺي گڏجي ان جي لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون، اهي الحمدالله اڄ ڪامياب ٿي رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته هن صوبائي وڏن وزيرن کي خط لکي ذاتي طور تي انهن جا ٿورا ادا ڪيا ته وڏن وزيرن ۽ انهن جي ٽيمن وڏي محنت ڪئي ۽ ڀرپور تعاون ڪيو، ان کانسواءِ اها ڪاميابي ممڪن نه هئي. محمد شهباز شريف چيو ته ان حوالي سان اڄ جيڪڏهن ڀيٽ ڪريون ته جڏهن فيبروري جي مهيني ۾ اها جنگ شروع ٿي هئي، ان وقت به اسان اهڙي طرح جو قدم کنيو هو، ان ۾ صوبن انتظامي طور تي به ۽ مالي طور تي به پنهنجو پورو حصو وڌو هو، ان جي جيڪا بلند ترين سطح هئي، ان موقعي تي 13 لک ٽوڪنز جاري ٿيا هئا. هن چيو ته اها به اسان جي سامهون هڪ تصوير هئي ته جيڪڏهن هتي لکين موٽرسائيڪلون ۽ 800 سي سي جون گاڏيون ملائي انهن جو انگ لکن ۾ نه پر ڪروڙن ۾ آهي، جيڪڏهن ان وقت 13 لک ماڻهن ان سهولت مان فائدو کنيو هو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو اها اسڪيم هڪ ڀيرو ٻيهر دير جو شڪار ٿي وڃي، پر الله تعالى جي تمام وڏي فضل ۽ ڪرم سان فائدو کڻندڙن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي ويو آهي، يعني ان وقت اهو انگ 13 لک هو ۽ هاڻي هڪ ڪروڙ کان به وڌي ويو آهي، ان جو مطلب اهو آهي ته موٽرسائيڪلون، چنگ چي، رڪشائون ۽ 800 سي سي گاڏيون رکندڙ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن پيٽرول پمپن تي ماهوار ٻه هزار رپين جو فائدو حاصل ڪيو آهي ۽ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهو سڌي طرح به ۽ اڻ سڌي طرح به فائدو آهي، سڌوسنئون ته هڪ ڪروڙ ماڻهو آهن، پر ان سان گڏ انهن جا ٻار به آهن جيڪي اسڪول وڃن ٿا ۽ انهن کي موٽرسائيڪل تي ڇڏيو وڃي ٿو، پوءِ جيڪڏهن هڪ سراسري خاندان ۾ 5 ماڻهو شمار ڪريون ته اهي 5 ڪروڙ ماڻهو آهن جن سڌوسنئون ۽ اڻ سڌي طرح فائدو حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته هيستائين هڪ ڪروڙ 8 لک 80 هزار کان وڌيڪ شهرين رجسٽريشن ڪرائي آهي، اڄ تائين هڪ ڪروڙ هڪ لک 98 هزار ماڻهن کي وائوچرز جاري ڪيا ويا آهن، مجموعي طور تي ٻه ڪروڙ 70 لک ٽوڪن جاري ڪيا ويا جن مان هڪ ڪروڙ 94 لک ٽوڪنز تي شهرين رعايتي قيمت تي پيٽرول حاصل ڪيو ۽ هاڻي اهو سلسلو هلندو رهندو. ڄاڻايل انگن اکرن ۾ 92 لک 77 هزار شهرين ٻيهر به ٽوڪن وصول ڪيو ۽ استعمال ڪيو. اٽڪل 96 سيڪڙو موٽرسائيڪل سوارن ان اسڪيم مان فائدو حاصل ڪيو. هن چيو ته پيٽروليم ڊويزن، اوگرا، اسٽيٽ بئنڪ، نادرا، پي ٽي اي، ٽيلي ڪام آپريٽرز سميت مثالي خدمتون ادا ڪندڙ انهن سمورن ادارن کي دل جي گهرائين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، الله تعالى توهان کي وڌيڪ همت ڏي ته توهان پاڪستان جي اهڙي طرح ڀرپور خدمت ڪندا رهو. هن چيو ته هي اسڪيم انشاءَ الله هلندي رهندي، اسان 75 ارب رپين جا فنڊز رکيا آهن. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان آئون توهان سڀني جا ٿورا ادا ڪريان ٿو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ بهترين ڪم ڪيو ويو، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ انهن جي ٽيم جا پڻ ٿورا ادا ڪريان ٿو. سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ وڏن وزيرن جا پڻ ٿورا ادا ڪريان ٿو، مون انهن کي خط لکي ڇڏيا آهن، يقين ڪريو ته توهان جي ڪوششن ۽ تعاون کانسواءِ اهو ممڪن نه هو ۽ اها ئي اها شيءَ آهي جنهن کي عزم، اڻٿڪ لڳاءُ، وابستگي ۽ اڻٿڪ ڪوششن تي ٻڌل بهترين ٽيم ورڪ چيو وڃي ٿو. هن چيو ته ان جو نتيجو اهو نڪتو ته توهان نيڪ نيتي سان ڪم ڪري رهيا هئا، محنت سان ڪم ڪري رهيا هئا، صوبا به ۽ وفاق به ۽ ان ۾ الله تعالى توهان جي انهن ڪوششن کي قبول ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه کي بهترين خدمتن تي 23 مارچ تي تمغو ڏيڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ته ٻين ادارن جي عملدارن کي شيلڊز ڏنيون وينديون.










