سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جون آءِ پي يو اسيمبلي جي موقعي تي پارلياماني سفارتڪاري لاءِ ملاقاتون

آروشا/ تنزانيا-09 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي 153 هين اسيمبلي جي موقعي تي عالمي پارلياماني اڳواڻن سان اهم ملاقاتن ۽ ڳالهين ذريعي پاڪستان جي پارلياماني سفارتڪاري کي اڳتي وڌايو، انهن رابطن جو مقصد عالمي ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪرڻ ۽ تڪرار جي حل ۽ پائيدار امن کي هٿي وٺرائڻ …

آروشا/ تنزانيا-09 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي 153 هين اسيمبلي جي موقعي تي عالمي پارلياماني اڳواڻن سان اهم ملاقاتن ۽ ڳالهين ذريعي پاڪستان جي پارلياماني سفارتڪاري کي اڳتي وڌايو، انهن رابطن جو مقصد عالمي ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪرڻ ۽ تڪرار جي حل ۽ پائيدار امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڳالهين ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين آسٽريليا ۽ تنزانيا جي پارليامينٽن جي اسپيڪرن، ايراني پارلياماني وفد جي ميمبرن ۽ ڪمبوڊيا، ازبڪستان، يوراگوئي، بنگلاديش سميت مختلف ملڪن جي نمائندن سان ملاقاتن ۽ ڳالهين دوران ٻطرفن لاڳاپن، پارلياماني تعاون ۽ علائقائي توڙي عالمي اهميت جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سينيٽ چيئرمين روايتي سفارتڪاري سان گڏ پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪندي ته پاڪستان امن، ڳالهين ۽ تعميري عالمي رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن تڪرارن جي روڪٿام، ڇڪتاڻ  ۾ گهٽتائي ۽ علائقائي ۽ عالمي چئلينجن جي پرامن حل لاءِ مسلسل سفارتي ڪوششن، گڏيل احترام ۽ گهڻ رخي تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي اصولن موجب پراڻن تڪرارن جي پرامن حل لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ گهرجن. هن فلسطين جي مسئلي جو هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار حل اڻٽر قرار ڏيندي ۽ لاڳاپيل گڏيل قومن جي قراردادن جي مطابق هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل کي به ضروري قرار ڏنو جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن جي مطابق هجڻ گهرجي. مختلف ملڪن جي پارلياماني نمائندن سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي پارلياماني ترجيحن ۽ موقف کي اجاگر ڪندي چيو ته قومن وچ ۾ مسلسل رابطا ۽ چونڊيل نمائندن وچ ۾ بامعنيٰ ڳالهيون اختلافن کي گهٽائڻ، گڏيل اعتماد وڌائڻ ۽ پيچيده عالمي مسئلن تي گڏيل فهم پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن امن کي هٿي وٺرائڻ، جمهوري ادارن جي استحڪام، قانون سازي ۽ اداراجاتي ترقي جي شعبن ۾ تعاون لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پارليامينٽن جي ڪردار کي به اهم قرار ڏنو. بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي باني چيئرمين جي حيثيت سان سيد يوسف رضا گيلاني اسيمبلي جي موقعي تي آءِ ايس سي جي سيڪريٽري جنرل ايڪناٿ ڍاڪل سان پڻ ملاقات ڪئي. ان رابطي ۾ پارليامينٽن جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن ۽ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڪوششن جي اهميت اجاگر ٿي. سينيٽ چيئرمين ڪمبوڊيا جي پارلياماني وفد جي سربراهه جي مان ۾  آجياڻي جي ميزباني پڻ ڪئي، جنهن پارلياماني رابطن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ٻطرفي تعاون جا نوان امڪان ڳولڻ جو موقعو فراهم ٿيو. آءِ پي يو اسيمبلي جي موقعي تي  سينيٽ چيئرمين جون اهي سرگرميون پاڪستان جي فعال پارلياماني سفارتڪاري، عالمي ڀائيواري جي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جي عڪاس آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پارليامياني ڳالهين کي هٿي ڏيڻ، تڪرارن جي پرامن حل ۽ عالمي سطح تي تعاون، اعتماد ۽ مفاهمت تي ٻڌل نظام کي مضبوط  بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

مزید خبریں