پشاور-09 آڪٽوبر (اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سفيران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جمرود ۾ دهشتگردي جي ڌار ڌار واقعن دوران ٻن اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ هو ڏکويل ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر …
وفاقي وزير امير مقام پاران جمرود ۾ دهشتگردي جي ڌار ڌار واقعن دوران ٻن اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
پشاور-09 آڪٽوبر (اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سفيران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جمرود ۾ دهشتگردي جي ڌار ڌار واقعن دوران ٻن اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته هن مشڪل گهڙي ۾ هو ڏکويل ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، هن شهيدن جي درجن جي بلندي، بخشش ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. انجنيئر امير مقام شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اهلڪارن جي شهادت افسوسناڪ واقعو آهي، سندن ڪٽنبن جي ڏک کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.










