اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب جمعي ڏينهن انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 277 روپيا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال …
پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب جمعي ڏينهن انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 277 روپيا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو قدر 73 روپيا 78 پئسا، جڏهن ته بحريني دينار جو قدر 733 روپيا 78 پئسا رهيو. اهڙي طرح عماني ريال جو انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ قدر 719 روپيا 48 پئسا رهيو، ڪويتي دينار جو قدر 898 روپيا 92 پئسا ۽ قطري ريال جو قدر 76 روپيا 05 پئسا رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 277 روپيا 50 پئسا ۽ وڪري واري قيمت 278 روپيا 10 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.










