اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي صلاحيت، علم ۽ محنت سان ڳنڍيل آهي، شاگردن کي مستقبل جي حوالي سان اهم سوالن ۽ فيصلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن ۾ شعبي جي چونڊ ۽ بدلجندڙ پيشيوراڻين گهرجن مطابق تياري شامل آهي. عملي تجربو، پيشيوراڻي رهنمائي ۽ سرپرستي نوجوانن کي بهتر فيصلا ڪرڻ ۽ …
عملي تجربو، پيشيوراڻي رهنمائي ۽ سرپرستي نوجوانن کي بهتر فيصلا ڪرڻ ۽ اعتماد سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي صلاحيت، علم ۽ محنت سان ڳنڍيل آهي، شاگردن کي مستقبل جي حوالي سان اهم سوالن ۽ فيصلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن ۾ شعبي جي چونڊ ۽ بدلجندڙ پيشيوراڻين گهرجن مطابق تياري شامل آهي. عملي تجربو، پيشيوراڻي رهنمائي ۽ سرپرستي نوجوانن کي بهتر فيصلا ڪرڻ ۽ اعتماد سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن پاڪستان آمريڪن شڪاگو لينڊ چيمبر آف ڪامرس (پي اي سي سي سي) جي انتظام هيٺ ايوارڊز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن شاگردن ۾ ايوارڊز ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ۽ نوجوانن جي مستقبل جي پيشيوراڻي تياري ۾ رهنمائي ۽ سرپرستي جي اهميت تي زور ڀريو. هن پي اي سي سي سي جي قيادت جو دعوت ڏيڻ تي ٿورو مڃيو ۽ شاگردن جي حوصلا افزائي ۽ نوجوانن کي تجربيڪار ماهرن کان سکڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته جڏهن تجربيڪار ماڻهو پنهنجو علم مشڪلاتن مان سکيل سبق ۽ تجربا نوجوانن سان ونڊ ڪن ٿا ته اها رهنمائي انهن لاءِ خاص طور تي مفيد ثابت ٿئي ٿي. ان سان نوجوانن کي واضح هدف مقرر ڪري سگهن ٿا، لاڳاپيل صلاحيتون حاصل ڪري سگهن ٿا۽ وڌيڪ اعتماد ۽ مقصد سان گڏ پنهنجي پيشيوراڻي سفر جي شروعات ڪري سگهن ٿا. وفاقي وزير پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعليمي، پيشيوراڻي ۽ ڪاروباري رابطا مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستاني ڄاون آمريڪي برادري جي اهم ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جا ويجها رابطا نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ علم ۽ تجربي جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري شاگردن تي زور ڀريو ته هو علم حاصل ڪرڻ جو جذبو برقرار رکن، سوال پڇن، رهنمائي حاصل ڪن ۽ پاڻ لاءِ واضح هدف مقرر ڪن. هن نوجوانن کي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ عزم سان اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪئي. وفاقي وزير ايوارڊز ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪون ڏنيون ۽ نوجوانن جي ترقي ۾ سندن خاندانن، اڳواڻن ۽ پي اي سي سي سي جي مدد کي ساراهيو.










