اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمعي ڏينهن ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 167089.27 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 309.41 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 15.43 ارب روپيا رهي. ڪاروباري سرگرمين دوران 570 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو جن مان 243 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ٻاڙائي، انڊيڪس هڪ لک 67 هزار 89 پوائنٽس تي بند

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمعي ڏينهن ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 167089.27 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 309.41 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 15.43 ارب روپيا رهي. ڪاروباري سرگرمين دوران 570 ڪمپنين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو جن مان 243 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 203 جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته 124 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 142.15 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 49841.70 پوائنٽس تي بند ٿيو جڏهن ته اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 45.71 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 40372.43 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچرٽريڊنگ تحت 5.27 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا. ڪاروبار جي دوران سينرجي کي پي ڪي لميٽيڊ جي 27.27 ملين، پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي 24.12 ملين ۽ ٽريٽ ڪارپوريشن لميٽيڊ جي 22.90 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي.










