پاڪستان ۾ آءِ اي اي اي جو ائٽمي سلامتي مشن مڪمل، شفافيت ۽ پيشيواراڻي طرزعمل جي واکاڻ

اسلام آباد - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جو پاڪستان جي لاءِ ائٽمي ٺڪاڻن جي تحفظ بابت عالمي مشاورتي مشن جمعي ڏينهن هتي پڄاڻي تي پهتو. آءِ اي اي جي ٽيم جائزي دوران پاڪستان پاران فراهم ڪيل تعاون، شفافيت ۽ پيشيواراڻي طرز عمل کي ساراهيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان حڪومت جي دعوت تي منعقد …

اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جو پاڪستان جي لاءِ ائٽمي ٺڪاڻن جي تحفظ بابت عالمي مشاورتي مشن جمعي ڏينهن هتي پڄاڻي تي پهتو. آءِ اي اي جي ٽيم جائزي دوران پاڪستان پاران فراهم ڪيل تعاون، شفافيت ۽ پيشيواراڻي طرز عمل کي ساراهيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان حڪومت جي دعوت تي منعقد ٿيندڙ ان مشن جي ميزباني پاڪستان نيوڪيلئر ريگيوليٽري اٿارٽي ڪئي جڏهن ته پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن ۽ ٻين لاڳاپيل قومي ادارن ويجهو تعاون فراهم ڪيو. ان مشن جو مقصد پاڪستان جي قومي ائٽمي سلامتي جي نظام جو شفاف جائزو وٺڻ هو. عالمي ماهرن تي ٻڌل آءِ پي پي اي ايس ٽيم  ائٽمي سلامتي بابت قومي، قانوني ۽ ضابطاجاتي فريم ورڪ جو جائزو ورتو. ٽيم ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ يونٽ ون جي اڳوڻي جڳهه تي جاري ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ ڊي ڪميشننگ منصوبي جو دورو پڻ ڪيو. مشن جي پڄاڻي تي آءِ اي اي اي جي ٽيم جائزي دوران پاڪستان پاران فراهم ڪيل تعاون، شفافيت ۽ پيشيواراڻي طرزعمل کي ساراهيو. آءِ پي پي اي ايس مشن جي سربراهه ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٽيم جي لاءِ هي مشن انتهائي ڪارائتو ۽ قابل قدر رهيو ڇو ته ان دوران پاڪستان جي ائٽمي سلامتي جي نظام ۽ ان جي عملي طور تي لاڳو جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. آءِ اي اي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ائٽمي تحفظ ۽ سلامتي بابت اداري جي سربراهه پڻ پاڪستان ۾ پهرين آءِ پي پي اي ايس مشن جي ڪامياب تڪميل جي آجيان ڪئي. هن چيو ته هي مشن پاڪستان جي ان عزم جو عڪاس آهي ته هو پنهنجي مستحڪم ائٽمي سلامتي جي نظام جي ضابطاجاتي ۽ عملي رخن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو. ايجنسي ائٽمي سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ آءِ پي پي اي ايس عمل ۾ ان جي تعميري شموليت کي پڻ ساراهيو. مشن جي پڄاڻي تي ردعمل ڏيندي پاڪستان نيوڪليئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته پاڪستان پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي حفاظت ۽ سلامتي کي اولين ترجيح ڏي ٿو. هن چيو ته آءِ پي پي اي ايس مشن جو ڪامياب انعقاد پاڪستان پاران شفاف، ذميواراڻي ۽ سخت ضابطاجاتي نگراني جو عڪاس آهي. هن آءِ اي اي اي جي  آءِ پي پي اي ايس ٽيم سان ٿيندڙ ڪارائتي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تعاون جي آجيان ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان عالمي ائٽمي سلامتي جي نظام ۾ پنهنجي مهارت ۽ تجربن جي ذريعي ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي محفوظ، پرامن ۽ ذميواراڻي استعمال جي سلسلي ۾ عالمي تعاون کي فروغ ڏيندو رهندو. آءِ پي پي اي ايس گڏيل جائزي جون خدمتون فراهم ڪري ٿو، جنهن جي ذريعي آءِ اي اي اي جي ميمبر ملڪن کي ان جي قومي ائٽمي سلامتي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي. اهي خدمتون ائٽمي مواد جي طبي تحفظ جي ڪنوينشن ۽ ان ۾ 2005 جي ترميم تي عملدرآمد جي حوالي سان آزاداڻي مشاورت فراهم ڪري ٿي جڏهن ته لاڳاپيل عالمي بهترين طريقيڪار بابت پڻ رهنمائي فراهم ڪري ٿي.

مزید خبریں