پاڪستان پاران سعودي عرب جي دفاع جي حمايت جو ورجاءُ، حوثين جي خلاف فضائي حملن ۾ پاڪستاني ويڙهاڪ جهازن جي شرڪت بابت قياس آرائيون رد

اسلام آباد - 09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي حوثين جي خلاف فضائي حملن ۾ پاڪستاني ويڙهاڪ جهازن جي شرڪت بابت قياس آرائين کي رد ڪندي اهڙين خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي، اسلام آباد آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي عمل جي حمايت جاري رکي …

اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي حوثين جي خلاف فضائي حملن ۾ پاڪستاني ويڙهاڪ جهازن جي شرڪت بابت قياس آرائين کي رد ڪندي اهڙين خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي، اسلام آباد آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي عمل جي حمايت جاري رکي آهي، پاڪستان ڀارت کان ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس جي اهلڪارن جي هٿان ٻن پاڪستاني شهرين جي مارجڻ جي واقعي جي فوري، شفاف ۽ قابل اعتماد جاچ ۽ ذميوار ماڻهن جي خلاف مناسب ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير سجاد حيدر خان هفتيوار پريس بريفنگ دوران چيو ته مڪه دفاعي اتحاد هڪ دفاعي انتظام آهي جنهن جو مقصد ميمبر ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو تحفظ ۽ انهن جي گڏيل دفاعي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ آهي. مڪه دفاعي اتحاد جي اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي 5 آڪٽوبر تي رياض ۾ منعقد هنگامي اجلاس جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه پنهنجي گڏيل دفاعي واعدن تي عملي طور تي عملدرآمد طرف اڳڀرائي تي اتفاق ڪيو آهي. ڄاڻايل اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته ڪميٽي سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ سعودي عرب کي درپيش خطرن جو جائزو ورتو ۽ مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره کي نشانو بڻائڻ جي ڪوششن، جڏهن ته شهرن، شهرين ۽ اقتصادي بنيادي ڍانچي تي حملن جي مذمت ڪئي. هن چيو ته ٽنهي ملڪن تيارين، فوجي انضمام ۽ سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل صلاحيت وڌائڻ جي قدمن جي منظوري ڏني. اتحاد جي نوعيت واضح ڪندي هن چيو ته ان جو مقصد ميمبر ملڪن کي جارحيت کان بچائڻ آهي. هن چيو ته پاڪستاني فوج حوثي فورسز جي خلاف حملا ڪرڻ جي لاءِ يمن ۾ داخل نه ٿيندي جڏهن ته پاڪستاني فوج سعودي سرزمين جي دفاع ۽ ان جي خودمختياري جي تحفظ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستان جا وڏي انگ ۾ فوجي اهلڪار ۽ وسيلا موجود آهن، اتحاد پنهنجي مينڊينٽ تحت خطرن جي جائزي ۽ آپريشنل ضرورتن جو تعين ڪندو. ترجمان حوثين جي خلاف فضائي حملن ۾ پاڪستاني ويڙهاڪ جهازن جي شرڪت بابت قياس آرائين کي پڻ رد ڪندي اهڙين خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان کي خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي آهي خاص طور تي ان جي لاءِ ته سعودي عرب ۾ اٽڪل 25 لک پاڪستاني رهن ٿا، سيڪيورٽي جي صورتحال پاڪستاني شهرين کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. هن انهن جي ڀلائي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان مسلسل ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪندو آيو آهي ۽ سعودي عرب جي خودمختياري جي تحفظ جي لاءِ پُرعزم آهي. خطي ۾ پاڪستان جي سفارتي سرگرمين جي حوالي سان سفير سجاد حيدر خان چيو ته اسلام آباد آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي عمل جي حمايت جاري رکي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئون رابطا جن ۾ 7 نقطن تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه پڻ شامل آهي، پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن جي ذريعي ٿيندڙ اڳڀرائي جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت بدستور برقرار آهي ۽ پاڪستان ضرورت پوڻ تي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل تائين پهچڻ جي لاءِ سهولتڪاري جاري رکڻ جي لاءِ تيار آهي. هن زور ڀريو ته علائقائي امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفارتڪاري لازمي آهي جڏهن ته ان جي ڪاميابي جو دارومدار لاڳاپيل ڌرين پاران پرامن حل جي لاءِ راضپي تي آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان 5 آڪٽوبر تي ماسڪو ۾ افغانستان بابت ماسڪو فارميٽ مشاورت جي اٺين اجلاس دوران افغان سرزمين تان جنم وٺندڙ دهشتگردي جي حوالي سان پنهنجا خدشا پيش ڪيا. هن چيو ته پاڪستان اجلاس ۾ تعميري انداز ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته گڏيل پڌرنامو جاري نه ڪيو ويو ڇو ته افغان طالبان جي وفد دهشتگردي بابت اڳ کان طئي ٿيل عبارت برقرار رکڻ تي اتفاق نه ڪيو. هن زور ڀريو ته افغانستان مان شروع ٿيندڙ دهشتگردي پاڙيسري ملڪن خاص طور تي پاڪستان جي لاءِ سيڪيورٽي جو هڪ سنگين خطرو آهي، گڏيل پڌرنامو جاري نه ٿيڻ سان علائقائي ڳالهه ٻولهه جي اهميت گهٽ نه ٿيڻ گهرجي. ترجمان ڄمون ۽ ڪشمير بابت پاڪستان جي موقف جو ورجاءُ ڪندي چيو ته اهو تڪرار اڃا به حل طلب آهي ۽ ان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي پاڪستان جي تازي دوري دوران گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت فوجي مبصر گروپ جي ڪردار بابت بيان جي آجيان ڪئي. هن چيو ته تڪرار جي منصفاڻي حل جي ڪوششن سان گڏوگڏ ان مبصر گروپ جي موجودگي ۽ ڪردار کي پڻ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان سفير سجاد حيدر خان چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا تازي اعلى سطحي رابطن دوران واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هن بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني جي 7 کان 8 آڪٽوبر تائين پاڪستان جي سرڪاري دوري کي پڻ اجاگر ڪيو. ان دوران ٻنهي ملڪن ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو ۽ پاڪستان بحرين گڏيل وزارتي ڪميشن جي ٽئين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. ترجمان هولي سي (ويٽيڪن) جي رياستي معاملن ۽ عالمي تنظيمن بابت سيڪريٽري آرچ بشپ پال رچرڊ گالاگهر جي جاري پاڪستان جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو. هن ان کي ان عهدي تي فائز ڪنهن شخصيت جو پاڪستان جو پهريون دورو قرار ڏنو. اهو دورو پاڪستان ۽ هولي سي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. هن چيو ته دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ بين المذاهب هم آهنگي، امن ۽ تعاون جا معاملا بحث هيٺ آيا، جيڪي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ گڏيل دلچسپي جي عڪاسي ڪن ٿا. موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان موسمياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي جن ۾ گليشيئرز جو پگهڙجڻ، گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ سبب ايندڙ ٻوڏ ۽ اترئين علائقن ۾ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ واري صورتحال شامل آهي. هن چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلين موجب مٽجڻ، وڻڪاري ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي تيارين تي ڪم ڪري رهي آهي، عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ سراسري طور گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي  سنگين اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان 2 آڪٽوبر تي عالمي سرحد سان گڏ بيديان سيڪٽر ۾ ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس جي اهلڪارن جي هٿان ٻن پاڪستاني شهرين جي مارجڻ تي ڀارت سان سخت احتجاج ڪيو آهي. پاڪستان ان واقعي جي فوري، شفاف ۽ قابل اعتماد جاچ ۽ ذميوار ماڻهن جي خلاف مناسب ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سامونڊي جهاز ايم ٽي آنر 25 جي چار زخمي پاڪستاني عملي جي ميمبرن ۽ ٽن پاڪستاني شهرين جون ميتون 4 آڪٽوبر تي عديس ابابا کان ڪراچي واپس آنديون ويون جڏهن ته باقي ٽي عملي جا ميمبر 7 آڪٽوبر تي وطن واپس پهتا. پاڪستاني سفارتي مشنز انهن جي حفاظت سان واپسي ۾ سهولت فراهم ڪئي. سعودي عرب ۾ پاڪستان جي فوجي موجودگي بابت سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج 1982ع کان مختلف حيثيتن ۾ ملڪن ۾ موجود آهي جن ۾ لاجسٽڪس انتظام ۽ تربيتي مشنز به شامل آهن. هن چيو ته وڌيڪ فوجي مقررين جو فيصلو آپريشنل ضرورتن ۽ اتحاد جي هيڊڪوارٽر پاران ڪيل فيصلن موجب ڪيو ويندو.

مزید خبریں