اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ هڪ اهم عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو، جيڪا غربت جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد ڪئي پئي وڃي، هي ڏينهن 17 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. جمعي ڏينهن ميڊيا سان …
پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ هڪ اهم عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو: سيد عمران احمد شاهه

مزید خبریں
اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ 13 ۽ 14 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ هڪ اهم عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو، جيڪا غربت جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد ڪئي پئي وڃي، هي ڏينهن 17 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو آهي. جمعي ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪانفرنس جو مقصد غربت کان خوشحالي طرف پائيدار رستا اختيار ڪرڻ، معاشي استحڪام کي مضبوط بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي ۽ جامع معاشي خودمختياري لاءِ پائيدار حل ڳولڻ آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل ڪانفرنس آن انڪليوسو اينڊ ريزيلينٽ اڪنامڪ امپاورمنٽ اينڊ گروٿ غربت کان خوشحالي جي موضوع تحت منعقد ڪئي پئي وڃي. ڪانفرنس جو بندوبست پي پي اي ايف، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وزارت، پيغام پاڪستان ۽ سينٽر آف ايڪسيلنس فار نيشنل ڪوهيشن اينڊ آئوٽ ريچ اسلام آباد جي سهڪار سان ڪيو پيو وڃي. عالمي ڪانفرنس جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ 12 ملڪ شرڪت ڪري رهيا آهن. ڪانفرنس جو مقصد غربت جي خاتمي لاءِ هڪ وڌيڪ پائيدار ۽ اثرائتي طريقيڪار کي هٿي ڏيڻ آهي، جنهن تحت سماجي تحفظ کي معاشي خودمختياري، پائيدار روزگار جي ذريعن ۽ ڪمزور طبقن لاءِ اهڙن بامعنيٰ موقعي سان ڳنڍيو وڃي جيڪي کين مستقل معاشي طور پاڻڀري طرف وٺي وڃي سگهن. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ ڪمزور ۽ مستحق گهراڻن کي پائيدار معيشت جا ذريعا فراهم ڪرڻ ۽ کين معاشي ۽ موسمياتي بحرانن خاص ڪري ٻوڏ، بيماري ۽ ٻين اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ عملي ۽ قابل توسيع حڪمت عملين جو جائزو ورتو ويندو جيڪي خاندانن کي ٻيهر غربت طرف ڌڪي سگهن ٿيون. وفاقي وزير چيو ته ڪانفرنس جي هڪ اهم مقصدن اهو به آهي ته ان ڳالهه جو جائزو ورتو وڃي ته سماجي تحفظ کي صرف فوري امداد تائين محدود رکڻ بدران پاڻڀرو ٿيڻ جي وسيع رستن ۾ ڪيئن تبديل ڪري سگهجي ته جيئن گهراڻا پيداواري اثاثا ٺاهي سگهن، مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ڪن ۽ آمدني جا وڌيڪ پائيدار ذريعا پيدا ڪري سگهن. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ حڪومي پاليسي سازن ۽ اعليٰ عملدارن، شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي نمائندن، عالمي ترقياتي ڀائيوارن، گهڻ طرفي ۽ ٻطرفي ڊونرز، مالياتي ادارن، نجي شعبي جي نمائندن، محققن ۽ تعليمي ماهرن، سول سوسائٽي جي تنظيمن، ٻهراڙي جي برادرين جي نمائندن ۽ سماجي تحفظ، غربت جي خاتمي ۽ جامع معاشي ترقي جي شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. هن چيو ته ڪانفرنس دوران سماجي تحفظ ۽ پائيدار روزگار جي ذريعن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو، جڏهن ته ڪمزور طبقن لاءِ معاشي موقعن کي هٿي ڏيڻ جي سلسلي ۾ مارڪيٽن تائين پهچ، روزگار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي ۽ مالي مدد جي موثر طريقن جو جائزو ورتو ويندو. سيد عمران احمد شاهه چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڏام پاڪستان پروگرام تحت غربت ۾ گهٽتائي آندي پئي وڃي ۽ پاليسين کي عملي جامو پارايو پيو وڃي. هن چيو ته ڪانفرنس ۾ پائيدار ترقي جي حاصلات ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ عملي قدمن جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته پاڪستان پاور ايليويشن پنهنجي ڀائيوارن سان گڏجي ملڪ جي 157 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت تائين 171200 ڪميونٽي ادارا قائم ڪيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ غربت گهٽائڻ لاءِ 2014ع کان هن وقت تائين 139 ارب 61 ڪروڙ روپين جي ماليت جا 36 لک 90 هزار بيان وياج جي قرضن جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته انهن قرضن مان 57 سيڪڙو عورتون لاڀ پرائي چڪيون آهن ۽ قرضن جي واپسي جي شرح 98 سيڪڙو تائين رهي آهي. هن چيو ته روزگار جا نوان ذريعا پيدا ڪرڻ وقت اهم ضرورت آهي جيڪي معاشي مشڪلاتن ۽ بحرانن جو مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته ميڊيا به پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي ترقياتي اڳڀرائي ۽ فلاحي ڪمن جي حوالي سان عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري.










