اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري يوگنڊا جي آزادي جي ڏهاڙي تي جمهوريه يوگنڊا جي صدر يوويري ڪاگاتو ميوزيويني ۽ يوگنڊا جي عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر يوگنڊا جي صدر کي پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان ۽ يوگنڊا جي وچ ۾ گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ عالمي فورمز تي تعاون تي ٻڌل ويجها …
صدر آصف علي زرداري پاران يوگنڊا جي آزادي جي ڏهاڙي تي جمهوريه يوگنڊا جي صدر ۽ عوام کي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري يوگنڊا جي آزادي جي ڏهاڙي تي جمهوريه يوگنڊا جي صدر يوويري ڪاگاتو ميوزيويني ۽ يوگنڊا جي عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر يوگنڊا جي صدر کي پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان ۽ يوگنڊا جي وچ ۾ گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ عالمي فورمز تي تعاون تي ٻڌل ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ يوگنڊا جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام جي گڏيل مفاد جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرا ٿيندا رهندا.










