آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني جي ملاقات

راولپنڊي-08آڪٽوبر (اي پي پي)بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي هن آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻطرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ …

راولپنڊي-08آڪٽوبر (اي پي پي)بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي هن آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻطرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ بحرين جي پراڻڻ ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل قدرن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل قرار ڏيندي دفاعي ۽ سيڪيورٽي شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. بحريني پرڏيهي وزير پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ آپريشنل تيارين جو اعتراف ڪيو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. بحرين جي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.