واپار واري وفاقي وزير سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، ترجيحي شعبن ۾ واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ، واپاري ڳالهين ذريعي ٺوس نتيجا حاصل ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد-08آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه ترجيحي شعبن ۾ واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ٻطرفي واپاري ڳالهين ذريعي ٺوس نتيجا حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خميس ڏينهن واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي صحت ۽ حياتياتي علم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ …

اسلام آباد-08آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه ترجيحي شعبن ۾ واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ٻطرفي واپاري ڳالهين ذريعي ٺوس نتيجا حاصل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. خميس ڏينهن واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي صحت ۽ حياتياتي علم، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، مالياتي خدمتن، هوا بازي ۽ معدنيات بابت خدمتن جي شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي غور ڪيو ويو. برطانوي سفير ڊگهي مدي واري ۽ گڏيل طور تي متفق شعبن ۾ تعاون لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن امڪاني شعبن ۾ ريگيوليٽري سڌارن، واپاري سهولتن، تعليم ۽ افرادي سگهه جي صلاحيتن ۾ بهتري ۽ سيڙپڪاري لاءِ مالي مدد ٿي سگهي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان لائيو اسٽاڪ کي تعاون جي اهم شعبي طور اجاگر ڪندي چيو ته وزيراعظم جي لائيو اسٽاڪ جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ، جانورن جي پيداواري صلاحيت بهتر بڻائڻ، ويليو ايڊيشن ۽ گوشت جي روانگي واپار ۾ وڌا ۾ گهري دلچسپي آهي. هن چيو ته جديد لائيو اسٽاڪ طريقن کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط واپاري رابطا قائم ڪرڻ ۾ برطانوي مهارت، ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. برطانوي هاءِ ڪمشنر خوراڪ جي حفاظت ۽ ريگيوليٽري گهرجن کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن پاڪستاني شيون تيار ڪندڙ برطانيه ۽ ٻين عالمي مارڪيٽن تائين رسائي حاصل ڪري سگهن. ملاقات ۾ صحت ۽ زندگي جي سائنس تي ورڪنگ گروپ ذريعي جاري تعاون جو به جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير پاڪستاني شين جي عالمي سطح تي برانڊنگ کي مضبوط بڻائڻ ۽ ملڪي ڪاروباري ادارن کي پرڏيهه ۾ مارڪيٽن ۾ وڌيڪ مضبوط موجودگي قائم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ پاڪستاني گلابي لوڻ، زيتون جو تيل، کاڌي جي شين، ڪپڙي ۽ سرجري جي اوزارن کي معياري خاطري ويليو ايڊيشن ۽ موثر مارڪيٽنگ ذريعي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستاني ڪاروباري ادارن لاءِ پنهنجي شين جي برانڊز تيار ڪري ۽ انهن شين مان وڌيڪ معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جا وسيع امڪان موجود آهن جيڪي اڳ ئي عالمي مارڪيٽن ۾ فراهم ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي پاڪستاني کاڌي جي ڪاروباري ادارن ۽ ريسٽورنٽ برانڊز لاءِ برطانيه ۾ پنهنجي موجودگي کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي پڻ غور ڪيو ويو. ٻنهي طرفن کان هوابازي جي شعبي ۾ تعاون اهم موضوع رهيو. برطانوي ڌر ايئربس ۽ رولز رائس سان جاري رابطن جي باري ۾ وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) لاءِ جهازن ۽ انجڻين جي امڪاني انتظامن ۽ روانگي واپار واري قرض جي مدد پڻ شامل آهي. فوري فضائي ٻيڙي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ جهازن جي ليزنگ  تي وٺڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ڊگهي مدي جي بنيادن تي جهازن خريداري جي مختلف آپشنز جو جائزو ورتو پيو وڃي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پي آءِ اي جي سڌي ريت عالمي فضائي روٽس هڪ اهم واپاري فائدو آهن. هن مسافرن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ خدمتن جي معيار، اڏامن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ فضائي ٻيڙي کي جديد بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪستان طرفان جاري معاشي سڌارن جي ڪوششن کي ساراهيو، جنهن ۾ ريگيوليٽري ۽ ٽيڪس سڌارا شامل آهن.

مزید خبریں