اسلام آباد-08آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب خميس ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ هڪ پئسو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 277 روپيا هڪ پئسو ٿي وئي آهي، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال …
پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد-08آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب خميس ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ هڪ پئسو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 277 روپيا هڪ پئسو ٿي وئي آهي، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو قدر 73 روپيا 79 پئسا جڏهن ته بحريني دينار جو قدر 734 روپيا 75 پئسا رهيو، اهڙي طرح عماني ريال جو انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ قدر 719 روپيا 54 پئسا رهيو، ڪويتي دينار جي قدر ۾ 898 روپيا 98 پئسا ۽ قطري ريال جو قدر 75 روپيا 99 پئسا رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد جي قيمت 277 روپيا 50 پئسا ۽ وڪري جي قيمت 278 روپيا 10 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.










