صدر آصف علي زرداري سان وفاقي محتسب نويد ڪامران بلوچ جي ملاقات، صدر پاران عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ ڪوششن کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور

اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوشش کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. صدر آصف علي زرداري سان وفاقي محتسب نويد ڪامران بلوچ خميس ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات …

اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوشش کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. صدر آصف علي زرداري سان وفاقي محتسب نويد ڪامران بلوچ خميس ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن صدر کي سال 2025ع جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي محتسب صدر کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ عوام کي انتظامي انصاف تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته وفاقي محتسب 2025ع ۾ رڪارڊ 261101 شڪايتن جو ازالو ڪيو جڏهن ته 2024ع ۾ 223198 شڪايتون اڪلايون ويون هيون. هن ٻڌايو ته وفاقي محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي شرح 96.8 سيڪڙو رهي. هن صدر کي وفاقي محتسب جي اداري جي 28 شهرن تائين توسيع ۽ عالمي هوائي اڏن تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ قائم ون ونڊو سهولت ڊيسڪس بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته اٽڪل 88 سيڪڙو شڪايتون قانوني طور تي مقرر ڪيل 60 ڏينهن جي مدي ۾ اڪلايون ويون. صدر وفاقي محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ادارو عوام کي هڪ فائديمند خدمت فراهم ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وفاقي محتسب جي سرگرمين خاص طور تي عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن.

مزید خبریں