راولپنڊي - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته راولپنڊي ۾ ڊينگي جي خلاف موثر ۽ وقت سر قدمن جي ڪري هلندڙ سال صورتحال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ نمايان طور تي بهتر رهي، ڊينگي جي خاتمي جي لاءِ فيلڊ ٽيمن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊينگي جي خلاف قدمن جو جائزو وٺڻ جي …
ڊينگي جي خلاف وقت سر قدمن جي ڪري هلندڙ سال صورتحال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ نمايان طور تي بهتر رهي: بئريسٽر دانيال چوڌري
راولپنڊي – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته راولپنڊي ۾ ڊينگي جي خلاف موثر ۽ وقت سر قدمن جي ڪري هلندڙ سال صورتحال گذريل سال جي ڀيٽ ۾ نمايان طور تي بهتر رهي، ڊينگي جي خاتمي جي لاءِ فيلڊ ٽيمن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊينگي جي خلاف قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد ڊينگي جي خاتمي بابت ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي اينڊ ريسپانس ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس دپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) نديم ناصر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري، سينيٽر ناصر بٽ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر هيلٿ، صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راولپنڊي ضلعي ۾ ڊينگي جي خاتمي جي قدمن، ويڪٽر سرويلنس، لاروا ڪيسز، فيلڊ ريسپانس، فوگنگ، صفائي سٿرائي ۽ عوامي آگاهي جي سرگرمين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي بئريسٽر دانيال چوڌري ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڊينگي جي خاتمي جي سرگرمين کي ساراهيندي چيو ته ڊينگي جي روڪٿام جي لاءِ فيلڊ ۾ موثر قدمن ۽ وقت سر ريسپانس جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن جڏهن ته ڊينگي جي مڪمل تدارڪ جي لاءِ احتياطي قدمن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي جي گنجائش نه آهي. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي گهرن ۽ ڀرپاسي جي ماحول ۾ پاڻي بيهڻ نه ڏين ۽ ڊينگي لاروا جي افزائش جي ممڪن جاين جي فوري نشاندهي ڪن. ڊپٽي ڪمشنر ڪيپٽن (ر) نديم ناصر هدايت ڪئي ته ڊينگي جي خاتمي جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا ٺوس انداز ۾ ڪم جاري رکن ۽ هاٽ اسپاٽس تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب ڊينگي جي خاتمي جي سرگرمين کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ عوامي آگاهي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.











