لائيو اسٽاڪ کاتو جانورن جا بھتر نسل  پيدا ڪري سنڌ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو: صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي

حيدر آباد-08 آڪٽوبر(اي پي پي) چوپائي مال ۽ ماهيگيري کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آھي ته سنڌ جو لائيواسٽاڪ کاتو جانورن جا  بھتر نسل  پيدا ڪري سنڌ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو جنھن سان مالوند ماڻھن جي خوشحالي سميت پرڏيھي ناڻو ڪمائي ملڪي معيشت کي به بھتر ڪري سگجي ٿو. ھن اھڙو اظھار حيدر آباد ۾  ورلڊ بينڪ جي منصوبي ( SLADP ) جي آفيس ۾ لائيواسٽاڪ فشريز جي …

حيدر آباد-08 آڪٽوبر(اي پي پي) چوپائي مال ۽ ماهيگيري کاتي جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آھي ته سنڌ جو لائيواسٽاڪ کاتو جانورن جا  بھتر نسل  پيدا ڪري سنڌ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو جنھن سان مالوند ماڻھن جي خوشحالي سميت پرڏيھي ناڻو ڪمائي ملڪي معيشت کي به بھتر ڪري سگجي ٿو. ھن اھڙو اظھار حيدر آباد ۾  ورلڊ بينڪ جي منصوبي ( SLADP ) جي آفيس ۾ لائيواسٽاڪ فشريز جي مختلف شعبن جي ھلندڙ منصوبن بابت بريفنگ وٺندي ڪيو. ان موقعي تي لاڳاپيل کاتي جو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي،  ڊائريڪٽر جنرل لائيواسٽاڪ سنڌ ڊاڪٽر حزب الله ڀٽو، ڊائريڪٽر جنرل لائيواسٽاڪ رجسٽريشن ۽ ٽريڊ اٿارٽي ڊاڪٽر نظير حسين ڪلھوڙو، ڊائريڪٽر جنرل لائيواسٽاڪ ايڪسٽينشن ۽ ريسرچ ڊاڪٽر نعيم صديق انصاري، ڊائريڪٽر جنرل فشريز ان لينڊ ۽ ميرين ڊاڪٽر عبد اللطيف ڪورائي ۽ ڊاڪٽر عاصم ڪريم، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر  ايس ايل ڊي پي ڊاڪٽر جاويد ميمڻ ڊائريڪٽر اينيمل ھسبينڊري ڊاڪٽر ارشد خانزاده، اقتدار ميمڻ، سعيد عباسي، ڊاڪٽر  عبدالمنان کوکر ڊپٽي سيڪريٽري لائيواسٽاڪ محمد عمران ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي وڌيڪ چيو ته اسان پرڏيهه مان بھتر نسل جي جانورن کي آڻڻ سميت بھتر نسل جا ھٿرادو ٻج آڻي سنڌ جي  ڀاڳين کي ڀلي نسل جا جانور پيدا ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو آھي ته جيئن کير ۽ گوشت جي پيداوار ۾ اضافو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان جو اينيمل بريڊنگ شعبو ئي سنڌ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.  ھن آفيسرن کي ھدايت ڪئي ته منصوبن کي شفافيت سان مڪمل ڪرڻ ۽ ان جو لاڀ سنڌ جي ماڻھن تائين پھچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هن شعبي ۾ خانگي حصيداري کي ترجيح ڏيڻ گھرجي.هن وڌيڪ چيو ته  ويڪسين جو موسم جي حساب سان رکيل هدف به يقيني بڻايو  وڃي ته جيئن سنڌ جي  ڀاڳين جي جانورن کي مختلف بيمارين کان بچائي سگهجي.

مزید خبریں