اسلام آباد-08آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ايٿوپيا، روانڊا ۽ تاجڪستان جي سفيرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، خاص طور تي دفاع ۽ هوابازي جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. دفاع واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، ايٿوپيا جي سفير عمر حسين اوبا، روانڊا جي هاءِ ڪمشنر هريريمانا فاتو ۽ تاجڪستان جي سفير يوسف …
دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ايٿوپيا، روانڊا ۽ تاجڪستان جي سفيرن جي ملاقات، دفاع ۽ هوابازي جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-08آڪٽوبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ايٿوپيا، روانڊا ۽ تاجڪستان جي سفيرن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، خاص طور تي دفاع ۽ هوابازي جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. دفاع واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، ايٿوپيا جي سفير عمر حسين اوبا، روانڊا جي هاءِ ڪمشنر هريريمانا فاتو ۽ تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زودا دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان سندس آفيس ۾ ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن ۽ دفاع ۽ هوابازي جي شعبن ۾ ڀائيواري وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي دفاع واري وزير خواجه آصف ٽنهي ملڪن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل تعاون کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ٻئي طرف سفارتي نمائندن پاڪستان سان موجوده تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.










