سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي آءِ پي يو جي صدر ڊاڪٽر توليا ايڪسن سان ملاقات

اروشا/ تنزانيا-08آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ 153 هين بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) اسيمبلي ۾ پاڪستاني پارلياماني وفد جي سربراهه سيد يوسف رضا گيلاني اروشا، تنزانيا ۾ 153 هين آئي پي يو اسيمبلي جي موقعي تي سانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي. سانجهاندي دوران سينيٽ چيئرمين بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي صدر ڊاڪٽر توليا ايڪسن سان ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين ڊاڪٽر توليا ايڪسن کي آءِ پي …

اروشا/ تنزانيا-08آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۽ 153 هين بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) اسيمبلي ۾ پاڪستاني پارلياماني وفد جي سربراهه سيد يوسف رضا گيلاني اروشا، تنزانيا ۾ 153 هين آئي پي يو اسيمبلي جي موقعي تي سانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي. سانجهاندي دوران سينيٽ چيئرمين بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي صدر ڊاڪٽر توليا ايڪسن سان ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين ڊاڪٽر توليا ايڪسن کي آءِ پي يو جي صدر جي حيثيت سان سندس تاريخي صدارت واري دور (2023-2026) جي ڪامياب پڄاڻي تي دلي مبارڪون ڏنيون. هن آءِ پي يو کي سڄي دنيا جي پارليامينٽن جي هڪ وڌيڪ جامع، نمائنده ۽ اثرائتي عالمي تنظيم بڻائڻ لاءِ ڊاڪٽر توليا ايڪسن جي متحرڪ قيادت، ويزن ۽ اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته توهان جي قابل ۽ متاثر ڪندڙ قيادت ۾ آءِ پي يو امن، ڳالهين ۽ پارلياماني سفارتڪاري لاءِ هڪ وڌيڪ مضبوط پليٽ فارم طور اڀري آيو آهي. آءِ پي يو جي پهرين آفريقي عورت صدر جي حيثيت سان توهان سڄي دنيا جي خاص ڪري گلوبل سائوٿ جي عورت پارليامينٽرينز لاءِ هڪ مثال جوڳو ۽ تحريڪ جو ذريعو آهيو. هن وڌيڪ چيو ته مان ۽ توليا ايڪسن ان جي صدارتي دور دوران ويجهي تعاون سان ڪم ڪيو آهي ۽ آئنده به اسان پارلياماني تعاون کي هٿي وٺرائڻ آءِ پي يو جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل طور ڪم جاري رکنداسي. سينيٽ چيئرمين آءِ پي يو جي صدر ڊاڪٽر توليا ايڪسن، تنزانيا جي حڪومت ۽ تنزانيا جي عوام جو اروشا ۾ 153 هين آءِ پي يو اسيمبلي ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني وفدن لاءِ شاندار انتظامن ۽ گرمجوشي سان مهمان نوازي ڪرڻ تي ٿورو مڃيو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين ڊاڪٽر توليا ايڪسن کي گڏيل طور تي موزون وقت تي پاڪستان جي سينيٽ جي مهمان جي حيثيت سان پاڪستان جو دوري جي دعوت پڻ ڏني، جنهن کي ڊاڪٽر توليا ايڪسن خوشيءَ سان قبول ڪندي سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني 5 کان 9 آڪٽوبر 2026ع تائين اروشا انٽرنيشنل ڪانفرنس سينٽر (اي آءِ سي سي)، تنزانيه ۾ رٿيل 153 هين آءِ پي يو اسيمبلي ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي پاڪستان جي مختلف پارٽين تي ٻڌل پارلياماني وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. ملاقات انتهائي خوشگوار، دوستاڻي ۽  گڏيل احترام واري ماحول ۾ ٿي.

مزید خبریں