پاڪستان پاران ڊي – 8 ملڪن جي مقصدن ۽ پروگرامن جي لاءِ مضبوط عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (ايس آءِ ايف سي ۽ اڪنامڪ ڊپلوميسي) سفير ابرار ايڇ هاشمي ڊي – 8 ملڪن جي مقصدن ۽ پروگرامن جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل سيڪريٽري (ايس آءِ ايف سي ۽ اڪنامڪ ڊپلوميسي) سفير ابرار ايڇ هاشمي پرڏيهي وزارت ۾ …

اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (ايس آءِ ايف سي ۽ اڪنامڪ ڊپلوميسي) سفير ابرار ايڇ هاشمي ڊي – 8 ملڪن جي مقصدن ۽ پروگرامن جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت جي ترجمان جي آفيس پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل سيڪريٽري (ايس آءِ ايف سي ۽ اڪنامڪ ڊپلوميسي) سفير ابرار ايڇ هاشمي پرڏيهي وزارت ۾ ڊي – 8 جي ميمبر ملڪن جي مشنز جي سربراهن ۽ نمائندن سان غيررسمي ملاقات جو اهتمام ڪيو. ان موقعي تي هن ڊي – 8 جي مقصدن ۽ پروگرامن جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، عوامي سطح تي رابطن (پي ٽو پي) ۽ ڪاروباري سطح تي رابطن (بي ٽو بي)، علائقائي رابطن، ڊي – 8 جي سرگرمين ۽ تشخص کي اجاگر ڪرڻ، سينٽر آف ايڪسيلنس جي وچ ۾ رابطن ۽ ايندڙ ڊي – 8 اجلاسن جي ڪيلينڊر تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں