اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بئنڪن جي لاءِ هائوسنگ فنانس جي فراهمي آسان بڻائڻ جي لاءِ ٻين صوبن کي پنجاب جي طرز تي زمين رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زمين رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن سان بئنڪن جي لاءِ هائوسنگ قرضن جي فراهمي ۾ آساني ۽ شفافيت ايندي، ايس ايم ايز جي صلاحيت وڌائڻ، جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ، پيداواري صلاحيت …
وزيراعظم پاران بئنڪن جي لاءِ هائوسنگ فنانس جي فراهمي آسان بڻائڻ جي لاءِ ٻين صوبن کي پنجاب جي طرز تي زمين رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن تيز ڪرڻ جي هدايت
اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بئنڪن جي لاءِ هائوسنگ فنانس جي فراهمي آسان بڻائڻ جي لاءِ ٻين صوبن کي پنجاب جي طرز تي زمين رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زمين رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن سان بئنڪن جي لاءِ هائوسنگ قرضن جي فراهمي ۾ آساني ۽ شفافيت ايندي، ايس ايم ايز جي صلاحيت وڌائڻ، جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ، پيداواري صلاحيت ۾ اضافي ۽ عالمي ويليو چين سان ڳنڍڻ جي لاءِ سميڊا موثر قدم کڻي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ هائوسنگ، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ۽ زرعي شعبي کي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان اعلى سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ قرضن جي حوالي سان نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم چيو ته هائوسنگ، زراعت ۽ ايس ايم ايز شعبن کي مالي وسيلن جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪري قرضن جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي قرضن جي فراهمي ۾ سهولت جي لاءِ ايس ايم اي پورٽل نومبر جي پڄاڻي تائين فعال ڪيو وڃي، ايس ايم اي پورٽل جي ذريعي بئنڪن پاران قرضن جي فراهمي ۽ ليٽرز آف ڪريڊٽ (ايل سيز) سميت ڪاروباري سهولتن جي تازه ترين صورتحال جي سڌوسنئون نگراني ممڪن ٿيندي. هن چيو ته ايس ايم ايز جي صلاحيت وڌائڻ، جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ، پيداواري صلاحيت ۾ اضافي ۽ عالمي ويليو چين سان ڳنڍڻ جي لاءِ سميڊا موثر قدم کڻي، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي هائوسنگ فنانس جي شعبي ۾ قرضن جي منظوري جي شرح 76 سيڪڙو هجڻ ساراهه لائق آهي. وزيراعظم نيشنل بئنڪ جي نئين مقرر ٿيندڙ صدر کي هدايت ڪئي ته نيشنل بئنڪ جي ڪارڪردگي وڌائڻ جي لاءِ بهترين پروفيشنلز جون خدمتون ورتيون وڃن ۽ گهربل نتيجا نه ڏيندڙ عملي جي خلاف بنا ڪنهن خوف جي محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، بئنڪن جي لاءِ هائوسنگ فنانس جي فراهمي آسان بڻائڻ جي لاءِ ٻيا صوبا پنجاب جي طرز تي زمين رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن تيز ڪن، زمين رڪارڊ جي ڊيجيٽلائيزيشن سان بئنڪن جي لاءِ هائوسنگ قرضن جي فراهمي ۾ آساني ۽ شفافيت ايندي. اجلاس کي هائوسنگ، زرعي شعبي ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي قرضن جي فراهمي جا انگ اکر پيش ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم تحت هيستائين 426 ارب رپين جي ماليت جي 71 هزار 690 قرضن جي منظوري ڏني وئي آهي، وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم تحت هيستائين 13214 ماڻهن کي 76 ارب رپين جا قرض جاري ڪيا ويا آهن، هلندڙ سال 125000 رهائشي يونٽس جي لاءِ 700 ارب رپين جي قرضن جي فراهمي جو هدف رکيو ويو آهي، زرعي شعبي جي لاءِ قرضن جو مجموعي ڪاٿو 1352 ارب رپيا آهي جنهن سان 34 لک 55 هزار ماڻهن فائدو کنيو، جون 2027ع تائين زرعي قرضن جو ڪاٿو 1500 ارب رپيا ۽ فائدو کڻندڙن جو انگ 45 لک جو هدف مقرر آهي، زرعي شعبي جي مالي وسيلن تائين پهچ وڌائي آبادگارن جي پيداواري صلاحيت ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏنو ويندو، ايس ايم اي شعبي جي 3 لک 50 هزار ڪاروباري ماڻهن کي 1137 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن، جون 2027ع تائين ايس ايم اي شعبي جي قرضن جو ڪاٿو 1500 ارب رپيا ۽ قرض حاصل ڪندڙ ڪاروباري ادارن جو انگ 5 لک 65 هزار جو هدف مقرر آهي، ايس ايم ايز کي مالي وسيلن تائين آسان پهچ، جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ۽ عالمي منڊين ۾ چٽاڀيٽي جي قابل بڻائڻ جي لاءِ قدم جاري آهن، ايس ايم ايز جي لاءِ نظرثاني ٿيل ضابطن ۽ هائوسنگ جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان ۽ موثر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس کي قرضن جي فراهمي ۾ گڏيل رسڪ شيئرنگ، سپلاءِ چين فنانسنگ جي فروغ، مستنند ڊيٽا شيئرنگ ۽ ٻين جاري قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ننڍا قرض حاصل ڪرڻ جي لاءِ صارفين کي بئنڪ برانچن جا چڪر لڳائڻ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ ڊيجيٽل نظام کي فروغ ڏنو پيو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، رياض حسين پيرزاده، عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ ٻين اعلى سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.










