اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پاليسين جو تسلسل ۽ سياسي استحڪام ضروري آهي، انساني وسيلن ۽ مهارتن ۾ سيڙپڪاري پاڪستان جي مستقبل جي ترقي جو بنياد آهي، جڏهن ته تعليم، صحت، غذائيت، صاف پاڻي ۽ آبادي جي توازن کي قومي هنگامي ترجيحون قرار ڏيڻ جي ضرورت آهي. …
انساني وسيلن ۽ مهارتن ۾ سيڙپڪاري پاڪستان جي مستقبل جي ترقي جو بنياد آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ پاليسين جو تسلسل ۽ سياسي استحڪام ضروري آهي، انساني وسيلن ۽ مهارتن ۾ سيڙپڪاري پاڪستان جي مستقبل جي ترقي جو بنياد آهي، جڏهن ته تعليم، صحت، غذائيت، صاف پاڻي ۽ آبادي جي توازن کي قومي هنگامي ترجيحون قرار ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن اڏام پاڪستان تحت منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ترقي جا منصوبا ٺاهيا، پر سياسي عدم استحڪام سبب پاليسين جو تسلسل متاثر ٿيو. اڄ اسان جي سامهون اهو فيصلائتو سوال آهي ته 2047ع ۾ آزادي جا 100 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان ڪٿي بيٺل هوندو. اسان کي معرڪه حق وانگر معرڪه ترقي به کٽڻو آهي. هن چيو ته هاڻي رڳو منصوبا ٺاهڻ جو وقت ناهي پر ان تي موثر عملدرآمد يقيني بڻائڻ هوندو، بهترين رٿابندي سان موثر عملدرآمد ئي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي ضمانت بڻجي سگهي ٿو. رٿابندي واري وزارت جو ڪم بهترين تحقيق تي ٻڌل رٿابندي فراهم ڪرڻ آهي جڏهن ته عملدرآمد لاڳاپيل کاتن ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪرڻو آهي. احسن اقبال چيو ته 18 هين ترميم جو مقصد سماجي شعبن ۾ بهتري آڻڻ هو پر اختيار هيٺين سطح تائين منتقل نه ٿيڻ سبب گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا. عوام کي بنيادي سهولتون سندن گهر جي چائنٺ تي فراهم ڪرڻ لاءِ انتظامي سڌارا ڪرڻا پوندا ۽ ضلعي جي سطح تي بااختيار کاتا قائم ڪرڻا پوندا، هن چيو ته هڪ صوبائي سيڪريٽري سڄي صوبي جا مسئلا موثر انداز ۾ حل نٿو ڪري سگهي ان لاءِ اختيارن کي مقامي حڪومتن تائين منتقل ڪرڻو پوندو. صوبائي حڪومتون تعليم، صحت ۽ ٻين سماجي شعبن ۾ گورننس ريفارمز آڻين ۽ بهترين صلاحيتن وارا آفيسر مقرر ڪن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي خواندگي جي شرح 63 سيڪڙو آهي ۽ ان سطح جي خواندگي جي شرح سان ملڪ گهربل رفتار سان ترقي نٿو ڪري سگهي. تعليم، صحت، غذائيت، صاف پاڻي ۽ آبادي جي توازن جهڙا مسئلا رستن ۽ عمارتن کان وڌيڪ اهم آهن ۽ انهن کي قومي ايمرجنسي طور وٺڻو پوندو. هن چيو ته وڌندڙ آبادي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي، آبادي ۾ اضافو معاشي ترقي جي ڪوششن کي متاثر ڪري سگهي ٿي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته انساني وسيلن ۽ مهارتن کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي پاڪستان جي نوجوان آبادي کي قومي ترقي جي موثر قوت ۾ تبديل ڪيو ويندو.










