اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪستان جي مقامي طور تي تيار ڪيل فتح 4- ڪروز ميزائل جي ڪامياب تجربي تي پاڪ فوج، سائنسدانن، انجينئرز ۽ دفاعي ٽيڪنالاجي جي ماهرن کي مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين پيغام ۾ چيو آهي ته فتح 4- جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي وڌندڙ سائنسي ۽ فني صلاحيتن ۽ دفاعي ميدان ۾ …
فتح 4 – ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جو دفاعي ميدان ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف اهم قدم آهي: سينيٽ چيئرمين
اسلام آباد- 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، پاڪستان جي مقامي طور تي تيار ڪيل فتح 4- ڪروز ميزائل جي ڪامياب تجربي تي پاڪ فوج، سائنسدانن، انجينئرز ۽ دفاعي ٽيڪنالاجي جي ماهرن کي مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين پيغام ۾ چيو آهي ته فتح 4- جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي وڌندڙ سائنسي ۽ فني صلاحيتن ۽ دفاعي ميدان ۾ پاڻڀرو ٿيڻ طرف اهم قدم آهي. هن، جديد ايوينڪس ۽ نيويگيشن ٽيڪنالاجي سان ليس نظام جي تياري ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سائنسدانن ۽ انجينئرز جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اها ڪاميابي پاڪ فوج ۽ ملڪي سائنسي برادري جي پيشيواراڻي مهارت ۽ صلاحيتن جو مظهر آهي. سينيٽ چيئرمين ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستاني سائنسدان ۽ انجنيئرز جديد ٽيڪنالاجي، قومي سلامتي ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار جاري رکندا. سينيٽ چيئرمين، ڪامياب تجربي تي پوري قوم کي به مبارڪون ڏيندي چيو ته اهڙيون ڪاميابيون قومي اعتماد کي مضبوط ۽ ملڪي خود مختياري، سلامتي ۽ دفاع جي تحفظ جي عزم کي وڌيڪ مستحڪم ڪن ٿيون.










