اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان روس جي زرعي ڪمپني شيلڪووو ايگرو ڪِم جي وفد ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ زرعي تحقيق، ٻج، زرعي دوائن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان روس سان زرعي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي منتقلي ۽ تحقيق …
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان روس جي زرعي ڪمپني شيلڪووو ايگرو ڪِم جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين سان روس جي زرعي ڪمپني شيلڪووو ايگرو ڪِم جي وفد ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ روس وچ ۾ زرعي تحقيق، ٻج، زرعي دوائن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان روس سان زرعي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي منتقلي ۽ تحقيق تي ٻڌل حصيداري جو خواهشمند آهي، روس زرعي ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعات کي پاڪستان جي مقامي موسمي ۽ زرعي حالتن ۾ آزمائڻ ضروري آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ اثرن کي نظر ۾ رکندي ڪلائميٽ ريزيلينٽ زرعي ٽيڪنالاجيز پاڪستان جي اهم ضرورت آهن، پاڪستان وڌيڪ پيداوار، سوڪهڙي ۽ بيمارين خلاف مزاحمت رکندڙ ٻج جي قسمن کي وڌائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته روس سان ٻجن جو تعاون رڳو امپورٽ ڪرڻ تائين محدود نه هجڻ گهرجي، مقامي پيداوار ۽ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر کي هٿي ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي زرعي تحقيقاتي اداري پي اي آر سي ۽ اين اي آر سي روسي زرعي ٽيڪنالاجيز، ٻجن ۽ زرعي دوائن جي سائنسي جاچ لاءِ اهم پليٽ فارم فراهم ڪندا. هن چيو ته ڪڻڪ جي پوکي جي مند کي نظر ۾ رکندي روس جي ٻجن جي فوري آزمائشي تجربن جي امڪانن جو جائزو ورتو ويندو. ان موقعي تي هائبرڊ ڪڻڪ سميت جديد روسي سيڊ ٽيڪنالاجيز ۾ تعاون جا امڪان به غور هيٺ آيا. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته روس سان مائيڪرو نيوٽرينٽس ۽ جديد فرٽيلائيزر ٽيڪنالاجي ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته فاسفورس ۽ ڊي اي پي ڀاڻ تي گهٽ ڀاڙڻ لاءِ متبادل غذائي ٽيڪنالاجيز جو جائزو وٺي سگهجي ٿو، پاڪستان روس جي ڪمپنين کي مقامي ڪاروباري حصيدارن سان بي ٽو بي رابطن ۾ سهولت فراهم ڪندو، هن چيو ته پاڪستان روس جي زرعي ڪمپنين جي سيڙپڪاري، مقامي حصيداري ۽ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر جي آجيان ڪندو.










