ريلوي واري وفاقي وزير پاران اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر(اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. ريلوي وزارت مان جاري بيان مطابق هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پيشيوراڻي صلاحيت جي طاقت کي مڃرايو آهي. ريلوي واري وزير چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر جوانن جي قربانين ۽ غير …

اسلام آباد- 07 آڪٽوبر(اي پي پي)ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. ريلوي وزارت مان جاري بيان مطابق هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پيشيوراڻي صلاحيت جي طاقت کي مڃرايو آهي. ريلوي واري وزير چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر جوانن جي قربانين ۽ غير متزلزل حوصلي کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين رياست ۽ عوام فورسز سان گڏ بيٺل آهن.