اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان جرمني جي سفير ايناليپل ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ڪاروباري رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اربع ڏينهن واپار واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جرمن ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. جرمن سفير جي ايس پي پلس بابت پاڪستان جي سڌاراجاتي اڳڀرائي کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو …
واپار واري وفاقي وزير سان جرمن سفير جي ملاقات، واپار، سيڙپڪاري، ڪاروباري رابطا وڌائڻ تي اتفاق
اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان جرمني جي سفير ايناليپل ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ڪاروباري رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اربع ڏينهن واپار واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جرمن ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. جرمن سفير جي ايس پي پلس بابت پاڪستان جي سڌاراجاتي اڳڀرائي کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ايس پي پلس بابت عالمي ذميوارين جي تڪميل لاءِ پرعزم آهي. ڄام ڪمال خان جرمن ڪمپنين کي نومبر ۾ ڪراچي ۾ فوڊ ايگ 2026ع ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن چيو ته فوڊ ايگ پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ڪاروباري حصيداري لاءِ اهم پليٽ فارم هوندو. ملاقات ۾ وزيراعظم جي واپار بابت خاص مددگار راڻا احسان افضل جرمن سفير آڏو پاڪستاني باسمتي چانورن جي جي آءِ جو معاملو اٿاريو. هن چيو ته باسمتي جي آبادگارن، پروڊيوسرز ۽ روانگي واپار ڪندڙن جي مفادن جو تحفظ ضروري آهي، پاڪستاني باسمتي جي جي آءِ ڪيس جا مضبوط قانوني، تاريخي ۽ واپاري بنياد آهن، جرمن سفير جاگرافيائي سڃاڻپ جي موثر تحفظ کي زرعي روانگي واپار لاءِ اهم قرار ڏنو، هن چيو ته پاڪستان ۾ زراعت، فوڊ پروسيسنگ، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. جرمن سفير فوڊ ايگ ۾ جرمن ڪمپنين جي شرڪت جي دعوت جي آجيان ڪئي. هن چيو ته جرمني ۾ لائيو اسٽاڪ واپاري نمائش لاءِ پاڪستاني ڪاروباري وفد جون تياريون جاري آهن. جرمن سفير ڄام ڪمال خان کي 29 کان 31 آڪٽوبر تائين سيئول ۾ ايشيا پيسيفڪ ڪانفرنس آف جرمن بزنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.










