صدر پاران بحيره عرب ۾ منشيات اسمگلنگ جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بحيره عرب ۾ منشيات اسمگلنگ جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پي اين ايس يرموڪ پاران منشيات جي خاتمي جي ٻن ڪامياب ڪاررواين تي پاڪ بحريه ۽ ان جي آفيسرن ۽ جوانن کي مبارڪباد ڏني. صدر پاڪ بحريه جي مسلسل نگراني، …

اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بحيره عرب ۾ منشيات اسمگلنگ جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي پاڪ بحريه کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پي اين ايس يرموڪ پاران منشيات جي خاتمي جي ٻن ڪامياب ڪاررواين تي پاڪ بحريه ۽ ان جي آفيسرن ۽ جوانن کي مبارڪباد ڏني. صدر پاڪ بحريه جي مسلسل نگراني، مسعدي ۽ سمنڊ ۾ غيرقانوني منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف عزم کي ساراهيو. صدر چيو ته سامونڊي حدن ۾ غيرقانوني سرگرمين جي روڪٿام ۽ علائقائي سامونڊي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.