مدينه- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سُومر ڏينهن رياض ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان اڳ مدينه مُنوره پهتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير، جده ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل، سعودي پرڏيهي وزارت جي مدينه برانچ جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سعودي رائل پروٽوڪول سندس استقبال …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي رسول الله پاڪ جي روضي مُبارڪ تي حاضري، دعائُون گهريُون

مزید خبریں
مدينه- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سُومر ڏينهن رياض ۾ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان اڳ مدينه مُنوره پهتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير، جده ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل، سعودي پرڏيهي وزارت جي مدينه برانچ جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ سعودي رائل پروٽوڪول سندس استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير رسول الله پاڪ جي روضي مُبارڪ تي حاضري ڏني ۽ پاڪستان جي امن ۽ خوشحالي، مُلڪ جي عوام ۽ مسلمان امت جي ڀلائي سان گڏوگڏ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ دعائُون ڪيُون. اسحاق ڊار احد جبل به ويو جتي هن احد جي شهيدن کي خراج تحسين عقدت پيش ڪيو ۽ دعائُون ڪيُون. نائب وزيراعظم ان کانپوءِ رياض روانو ٿي ويو، جتي هو اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، جڏهن ته سعودي عرب ۽ ترڪيه جا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا.










