گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس نيويارڪ کان اسلام آباد جي لاءِ روانو

گڏيل قومون- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس آچر جي رات نيويارڪ کان اسلام آباد جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي، جتي هو چار ڏينهن جي دوري دوران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي ثالثي ڪردار، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پاڪستان جي “تعميري ڪوششن” سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. …

گڏيل قومون- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس آچر جي رات نيويارڪ کان اسلام آباد جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي، جتي هو چار ڏينهن جي دوري دوران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي ثالثي ڪردار، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ پاڪستان جي “تعميري ڪوششن” سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. اي پي پي سان ڳالهائيندي گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته سڪيريٽري جنرل جي پاڪستان جي دوري دوران سندس وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ ٻين اعلى عملدارن سان ملاقاتون ٿينديون. هو صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل گذريل سالن دوران پاڻ ڏٺو آهي ته پاڪستان ڪهڙي طرح ٻين جو ساٿ ڏنو، پنهنجي شهرين کي گڏيل قومن جي جهنڊيءَ هيٺ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ اڳتي موڪليو ۽ اهڙي وقت ۾ سفارتڪاري ۽ ثالثي جي ذريعي ڌرين کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ڳالهه ٻولهه جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هئي. اسٽيفن ڊوجارڪ چيو ته اهو ئي جذبو گذريل سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڏسڻ ۾ ايو آهي ۽ اهو عالمي برادري جي لاءِ پاڪستان جي نمايان خدمتن مان هڪ آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وچ اوڀر جي تڪرار جي حوالي سان پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي مسلسل ساراهيو آهي، جن جي نتيجي ۾ جنگبندي جي قيام ۾ مفاهمت جي يادداشت طئي ٿي. گذريل مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي اعلى سطحي مباحثي کان اڳ پنهنجي آخري پريس ڪانفرنس ۾ گوتريس جنگبندي جي خاتمي کانپوءِ جنگ جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه طرف واپسي تي زور ڏنو هو. انتونيو گوتريس هلندڙ سال جي پڄاڻي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو ڇڏي ڏيندو. هو ان عهدي تي پنج، پنج سالن جا ٻه مدا مڪمل ڪري چڪو آهي. سيڪريٽري جنرل جو آخري پاڪستان جو دورو 2022ع ۾ ٿيو هو جڏهن ملڪ جي وسيع علائقن کي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ درپيش هئي. ان وقت سندس دورو ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار جي طور تي ڪيو ويو هو جنهن متاثر عوام تي گهرو اثر ڇڏيو. موجوده دوري دوران گوتريس هڪ ڀيرو ٻيهر نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو دورو ڪندو ۽ ٻوڏ کانپوءِ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ موسمياتي خطرن جي مقابلي ۾ پاڪستان جي صلاحيت ۽ مضبوطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺندو. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ ان انڊيا اينڊ پاڪستان (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي هيڊڪوارٽر جو دورو پڻ ڪندو، جيڪو تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لائين آف ڪنٽرول جي نگراني ڪري ٿو. انتونيو گوريس جي خميس ڏينهن نيويارڪ واپس پهچڻ جو امڪان آهي.