گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 6 کان 8 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 6 کان 8 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب کيس ان دوري جي دعوت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڏني آهي. دوري دوران گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل صدر، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف …

اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 6 کان 8 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب کيس ان دوري جي دعوت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڏني آهي. دوري دوران گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل صدر، وزيراعظم، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سان ملاقات ڪندو. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان ۾ فوجي مبصر گروپ جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪندو ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاڪستان ۾ بريفنگ ۾ شرڪت ڪندو. گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران ٻين مصروفيتن ۾ پڻ شرڪت ڪندو، جتي گهڻ رخي نظام جي فروغ، عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن، آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ۽ شروعاتي تنبيهه جي نظام جي حوالي سان پاڪستان جي اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو ويندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جو دورو گڏيل قومن سان پاڪستان جي پراڻي تعاون جو ورجاءُ ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ جو اهم موقعو فراهم ڪندو. هي دورو عالمي امن ۽ ترقي جي شعبن ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي موثر قيادت ۽ اهم خدمتن کي ساراهڻ جو پڻ موقعو فراهم ڪندو. گڏيل قومن جي سديڪريٽري جنرل جو ايندڙ دورو گڏيل قومن کي مرڪزيت حاصل ٿيندڙ گهڻ رخي نظام جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن سان ان جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.