اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) مڪه معاهدي تحت اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي (ايس پي ڊي سي) جو اجلاس 05 آڪٽوبر تي رياض ۾ ٿيندو. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم …
مڪه معاهدي تحت اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي (ايس پي ڊي سي) جو اجلاس 05 آڪٽوبر تي رياض ۾ ٿيندو

مزید خبریں
اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) مڪه معاهدي تحت اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي (ايس پي ڊي سي) جو اجلاس 05 آڪٽوبر تي رياض ۾ ٿيندو. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت قائم ڪيل اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي (ايس پي ڊي سي) جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سعودي عرب ۽ جمهوريه ترڪيه جا پرڏيهي وزير، دفاع وارا وزير ۽ چيف آف جنرل اسٽاف پڻ هن اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ خطي ۾ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي ۽ مڪه معاهدي جي فريم ورڪ تحت جاري تعاون جو جائزو ورتو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، هن اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت علائقائي امن ۽ استحڪام ۾ مسلسل ڪردار ادا ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.










