تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ نئين نسل جي تربيت ۾ استادن جو ڪردار بنيادي اهميت رکي ٿو: سينيٽر روبينه خالد

اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي ) عالمي استادن جي ڏينهن جي موقعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد پنهنجي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته استاد قوم جا معمار ۽ نئين نسل ۽ روشن مستقبل جا ضامن آهن. تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ نئين نسل جي تربيت ۾ استادن جو ڪردار بنيادي اهميت رکي ٿو . سينيٽر روبينه خالد چيو ته استاد ٻارن کي …

اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي ) عالمي استادن جي ڏينهن جي موقعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد پنهنجي جاري پيغام ۾ چيو آهي ته استاد قوم جا معمار ۽ نئين نسل ۽ روشن مستقبل جا ضامن آهن. تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ نئين نسل جي تربيت ۾ استادن جو ڪردار بنيادي اهميت رکي ٿو . سينيٽر روبينه خالد چيو ته استاد ٻارن کي علم سان گڏو گڏ اخلاق، ڪردار ۽ ذميداري جو شعور به ڏين ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو معياري تعليم مان ٿي ڪري گذري ٿو. استاد نئين نسل ۾ علم، شعور ۽ مثبت سوچ پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻارن کي بهتر تعليمي موقعن جي فراهمي شامل آهي. معياري تعليم  هر ٻار جو بنيادي حق آهي ان مقصد لاءِ اجتماعي ڪوششون ضروري آهن. سينيٽر روبينه خالد چيو ته بينظير تعليمي وظيفن جي پروگرام ذريعي مستحق خاندانن جي ٻارن کي تعليم سان جوڙڻ جي ڪوشش جاري آهي. مستحق خاندانن جي ٻارن کي تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ هڪ روشن ۽ مضبوط پاڪستان جو بنياد آهي. هن چيو ته استادن جي عالمي ڏهاڙي تي سڄي ملڪ جي سمورن استادن کي سلام پيش ڪيان ٿي. قوم پنهنجي استادن جي خدمتن ۽ قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.