غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه پاران پاڪستان گلوبل مينٽل هيلٿ سمٽ 2026ع جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه پاڪستان گلوبل مينٽل هيلٿ سمٽ 2026ع جي پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. جمعي ڏينهن سندس وزارت مان جاري بيان موجب ٻن ڏينهن واري سمٽ پهرين ۽ 2 آڪٽوبر تي منعقد ٿي جنهن ۾ قومي ۽ عالمي ماهرن ذهني صحت، پاليسي سازن، ترقياتي ڀائيوارن، گڏيل قومن جي …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه پاڪستان گلوبل مينٽل هيلٿ سمٽ 2026ع جي پڄاڻي واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. جمعي ڏينهن سندس وزارت مان جاري بيان موجب ٻن ڏينهن واري سمٽ پهرين ۽ 2 آڪٽوبر تي منعقد ٿي جنهن ۾ قومي ۽ عالمي ماهرن ذهني صحت، پاليسي سازن، ترقياتي ڀائيوارن، گڏيل قومن جي ادارن، يونيورسٽين، سول سوسائٽي ۽ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي، سمٽ دوران پاڪستان ۾ ذهني صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، معياري ذهني صحت جي سهولتن تائين رسائي بهتر بڻائڻ، پائيدار مالي مدد  ڪميونٽي بيسڊ، ذهني صحت جي خدمتن کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف ادارن وچ ۾ موثر تعاون جي حوالي سان تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. شرڪت ڪندرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ذهني صحت جي سهولتن کي پرائمري هيلٿ ڪيئر ۽ تعليمي ادارن تائين وڌائڻ سان گڏوگڏ ذهني صحت جي شعبي سان واڳيل افرادي سگهه کي مضبوط بڻايو وڃي جنهن ۾ اسڪول، سائيڪالوجسٽس به شامل آهن.  شرڪت ڪندڙن وفاقي، صوبائي ۽ علائقائي سطح تي مربوط قدمن ذريعي ٻارن، نوجوانن، عورتن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن سميت سمورن ماڻهن لاءِ رسائي جوڳي سستي ۽ معياري ذهني صحت جون سهولتون يقيني بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ معاشري ۾ مجموعي ڀلائي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ مربوط، جامع ۽ عوام تي ٻڌل حڪمت عملي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پاڪستان گلوبل مينٽل هيلٿ سمٽ 2026ع جي پڄاڻي پاڪستان ۾ هڪ مضبوط، موثر، پائيدار ۽ هر فرد لاءِ رسائي جوڳي ذهني صحت جي نظام جي قيام لاءِ گڏيل عزم سان ٿي.

مزید خبریں