اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پارلياماني رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، دفاعي تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اهڙو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين سان ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب، سينيٽ چيئرمين چيو …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، پاڪ-آسٽريليا پارلياماني ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پارلياماني رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، دفاعي تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اهڙو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪستان ۾ آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين سان ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل جمهوري قدرن، دولت مشترڪه جي روايتن، ٻه ايواني پارلياماني نظام ۽ عوامي رابطن کي گڏيل لاڳاپن جو مضبوط بنياد قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي ترقي، خاص طور تي تعليم ۽ انساني وسيلن جي ترقي ۾ آسٽريليا جي ڪردار کي ساراهيندي آسٽريليا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ساهه جوڳين خدمتن کي به خراج تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر کي انٽر پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) بابت آگاهه ڪيو، جنهن جو هو باني چيئرمين آهي. هن ٻڌايو پهرين انٽر پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس پاڪستان ۾ منعقد ڪئي وئي، ٻي ڪمبوڊيا ۾، جڏهن ته ٽئين ڪانفرنس فيبروري 2027ع ۾ انڊونيشيا ۾ منعقد ٿيندي. ملاقات ۾ انٽر پارلياماني يونين (آءِ پي يو) جي آئنده صدارتي چونڊ ۽ بين الپارلياماني تعاون بابت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين اقتصادي تعاون جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪندي ايگري ٽيڪ،جديد جوڳي توانائي، فن ٽيڪ، معدنيات، ٽيڪسٽائل، آئي ٽي سروسز ۽ کاڌي جي شين جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڀريو. هن ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين ۽ چيمبر آف ڪامرس وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. هن اعليٰ تعليم، اسڪالرشپ، گڏيل تحقيق، موسمياتي تبديلي، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ، سائبر سيڪيورٽي، سامونڊي سلامتي ۽ امن جي قيام جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين تعميري سفارتڪاري، عالمي قانون جي احترام ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين پاڪستان سان ٻطرفن ۽ پارلياماني تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي آسٽريليا جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ آءِ ايس سي سفير ۽ سيينٽ چيئرمين جي صلاحڪار مصباح کر پڻ موجود هيون.










