وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد جو آمريڪا جو دورو انتهائي فائديمند ۽ ڪارائتو رهيو، مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت اسٽريٽجڪ پوليٽيڪل ڊفينس ڪميٽي جو اجلاس جلد رياض ۾ ٿيندو: نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي ميڊيا بريفنگ

اسلام آباد - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد جو آمريڪا جو دورو انتهائي فائديمند ۽ ڪارائتو رهيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۽ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن دوران ايران – آمريڪا جنگ ۾ ثالثي جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن، آبنائي …

اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد جو آمريڪا جو دورو انتهائي فائديمند ۽ ڪارائتو رهيو، وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۽ ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن دوران ايران – آمريڪا جنگ ۾ ثالثي جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن، آبنائي هرمز ۽ باب المندب جي بندش، ڪشمير تڪرار، فلسطين مسئلي، تازي پاڪ – ڀارت جنگ ۽ سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي جي حوالي سان پاڪستان جو جامع موقف پيش ڪيو، مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت اسٽريٽجڪ پوليٽيڪل ڊفينس ڪميٽي جو اجلاس جلد رياض ۾ ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن هتي ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو. نائب وزيراعطم چيو ته 21 کان 26 سيپٽمبر دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس ۾ شرڪت جو موقعو مليو، هر سال وانگر هي هڪ اهڙو موقعو هو جنهن ۾ عالمي اڳواڻن سان ڪارائتيون ملاقاتون ٿيون، عالمي فورم ۾ شرڪت جو موقعو مليو، وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ کليل بحث دوران اهم عالمي اڳواڻن بشمول گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل خطاب ڪيو، ان موقعي تي مختلف ملڪن جي سربراهن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتن دوران اسان ملڪي مفاد، سفارتڪاري ۽ ٻطرفي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن جا نمايان نتيجا سامهون آيا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي تقرير دوران پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پاڪستان جو علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ چئلينجز تي موقف جامع ۽ موثر انداز ۾ پيش ڪيو، ان موقعي تي هن فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حوالي سان پاڪستان جو واضح موقف اجاگر ڪيو، وزيراعظم تازي پاڪ – ڀارت جنگ ۽ سنڌ طاس معاهدي بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو، ايران – آمريڪا جنگ دوران امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ کي پڻ اجاگر ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان وٽ هلندڙ سال 31 ڊسمبر تائين گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي چونڊ ميمبرشپ آهي، 2025ع ۾ پاڪستان کي اها صدارت ملي ۽ مون کي پاڪستان جي نمائندگي جو موقعو مليو، ٽن ڏينهن واري تقريبن دوران گهڻ رخي ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي ڌيان ڏنو ويو، ان حوالي سان پاڪستان کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، گڏيل قومن جي گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن ۾ سڌارن جي لاءِ اسان ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ 12 سالن کانپوءِ گهڻ رخي ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي حوالي سان اسان جي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي، اهو عالمي برادري پاران پاڪستان جي ڪوششن جي اعتراف جو ثبوت آهي. نائب وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي تقرير دوران ايران – آمريڪا جنگ دوران پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي اجاگر ڪيو جنهن تحت 47 سالن کانپوءِ ايران ۽ آمريڪا کي هڪ ميز تي ويهاريو ويو، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ 10 ۽ 11 اپريل تي اسلام آباد ۾ 21 ڪلاڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن آبنائي هرمز ۽ باب المندب جي توانائي جي پهچ ۽ عوام تي منفي اثرن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مهانگائي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، حڪومت مالي مشڪلاتن جي باوجود ان ڏس ۾ ٻن ۽ ٽن ڦيٿن وارين گاڏين ۽ 800 سي سي تائين جي چار ڦيٿن وارين گاڏين کي فيول ريليف ڏنو، ڪفايت شعاري ۽ ٻارڻ تي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي اجلاس منعقد ڪيا. هن چيو ته لکين ماڻهو ان اسڪيم مان فائدو کڻي رهيا آهن، اهو وزيراعظم جو دليراڻو قدم هو. هن چيو ته اسان کي افغانستان مان دهشتگردي درپيش آهي جنهن جي خطرن ۽ نقصانن جي حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي تقرير ۾ کلي ڪري دنيا آڏو رکيو، هن سعودي عرب جي تازي صورتحال جي حوالي سان خطرن ۽ حملن جو معاملو پڻ پنهنجي تقرير ۾ اٿاريو، خاص طور تي ايران – آمريڪا جنگ دوران پاڪستان جي ڪوششن خاص طور تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ پرڏيهي وزارت کي ساراهيو، اها سندس جامع ۽ ڪامياب تقرير هئي جنهن کي سڄي دنيا ۾ ڏٺو ويو ۽ سندس تقرير دوران تاريون وڄايون ويون ۽ ساراهيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم وفد سان گڏ ترقي جي حق جي حوالي سان انتهائي اهم فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو، وزيراعظم گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو فورم جي موقعي تي اعلى سطحي ملاقاتون ڪيون، اهو چين جو انيشي ايٽو  آهي، ان ۾ گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو، گلوبل گورننس انيشي ايٽو ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو شامل آهن. چين جي نائب صدر پڻ ان ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي هن ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن سان مثبت ۽ نتيجاخيز ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون، وائيٽ هائوس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جون تصويرون جاري ڪيون آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اسان جي پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪئي آهي، هو پاڪستان جو تمام وڏو سپورٽر آهي، پاڪستان ۾ قدرتي آفتن دوران هن اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس عهدي جو مدو 31 ڊسمبر تي ختم ٿي رهيو آهي، اميد آهي ته هو ان کان اڳ ۽ جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ڪويتي هم منصب، ايراني صدر، شام جي صدر، بنگلاديشي وزيراعظم سميت ٻين ملڪن جي سربراهن سان وفد سان گڏ مثبت ۽ ڪارائتيون ملاقاتون ڪيون. ايران – آمريڪا جنگ دوران پاڪستان جنگبندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، لبنان جو علائقو به ان جنگبندي جو حصو هو، ان حوالي سان لبناني وزيراعظم سان ملاقات تمام اهم هئي جنهن ۾ هن پاڪستان جا ٿورا ادا ڪيا ۽ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم يورپي ڪميشن ۽ يورپي ڪائونسل جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون ۽ جي ايس پي پلس سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقات انتهائي ڪارائتي رهي، هن ڍانچاجاتي سڌارن تي پاڪستان کي ساراهيو، پاڪستان آمريڪن بزنس ليڊر جي وفد پڻ ساڻس ملاقات ڪئي، هن بل گيٽس ۽ پاڪستاني نوجوانن جي وفد سان ملاقات ڪئي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته هن فلسطين بابت او آءِ سي جي 6 ملڪي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، مصر جي ميزباني ۾ غزه بابت 8 عرب اسلامي ملڪن جي گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ريجنل فور (آر – 4) گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت جو موقعو مليو، ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ ۽ افغانستان بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاسن ۾ پڻ شرڪت ڪئي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر ملڪن جي لاءِ مصنوعي ذهانت بابت اجلاس ۾ شرڪت جو موقعو مليو. هن چيو ته پاڪستان، ترڪيه ۽  سعودي عرب جو مڪه معاهدي تحت اجلاس منعقد ٿيو، مڪه معاهدي تحت اسٽريٽجڪ پوليٽيڪل ڊفينس ڪميٽي ۾ هر ملڪ مان ٽي ميمبر آهن جنهن ۾ ٽنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير، دفاع وارا وزير ۽ چيف آف آرمي اسٽاف شامل آهن، 7 آگسٽ تي مڪه معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون هيون، 31 آگسٽ تي ان جو پهريون اجلاس استنبول ۾ ٿيو، ٽنهي ملڪن جي آرمي چيفس جو خصوصي اجلاس 25 سيپٽمبر تي رياض ۾ منعقد ٿيو، ان کان اڳ ٽنهي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات نيويارڪ ۾ ٿي ڇو ته حوثين جي سعودي عرب تي حملن ۾ اضافو ٿيو، پوري اسٽريٽجڪ پوليٽيڪل ڊفينس ڪميٽي جو اجلاس جلد رياض ۾ ٿيندو جنهن جو اصولي فيصلو ٿي چڪو آهي، مڪه معاهدي تحت موجوده خاص طور تي سعودي عرب جي حوالي سان صورتحال جو جائزو ورتو ويندو ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙي ويندي، گڏيل قومن جي وبائي، ان جي اثرن ۽ ان کان بچاءُ جي حوالي سان ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، گروپ 77 پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اي سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪئي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرن جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ فلسطين جي ٻه رياستي حل جي حوالي سان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جو موقف اجاگر ڪيو، والاريل بيت المقدس بابت عرب ليگ ۽ اسلامي ملڪن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايران، ڪويت، آسٽريا، يونان، بلغاريه سميت 28 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون. فلسطين جي مستقل نمائندي سان ملاقات ٿي، فلسطيني صدر محمود عباس کي مسلسل ٻئي سال ويزا نه ڏني وئي ۽ هن اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، نار تعاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقات ٿي. هن چيو ته ان دوري دوران ٽن معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته حرمين شريفين جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، پاڪستان سدائين مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پنهنجي ذميواري نڀائي آهي، سعودي عرب سان ٻه معاهدا آهن جن ۾ گڏيل دفاعي معاهدو ۽ مڪه گڏيل دفاعي معاهدو شامل آهن. تازي پاڪ – ڀارت جنگ دوران پاڪستان جي فتح تي پاڪستاني قوم وانگر ترڪيه ۽ آذربائيجان جي عوام پڻ ٿورا ادا ڪيا.

مزید خبریں