حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل، ٻيو دور اڄ ڇنڇر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو: قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو ترجمان

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو آهي، ٻيو دور اڄ ڇنڇر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي اجلاس جو پهريون دور ٿيو، حڪومتي وفد پاڪستان پيپلزپارٽي …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو آهي، ٻيو دور اڄ ڇنڇر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ترجمان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن جي اجلاس جو پهريون دور ٿيو، حڪومتي وفد پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. حڪومت پيپلزپارٽي ۽ مخالف ڌر پنهنجو موقف هڪٻئي آڏو پيش ڪيو. مختلف معاملن تي صبر سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڳالهين جو ٻيو دور اڄ ڇنڇر ڏينهن منجهند 2 وڳي اسپيڪر چيمبر ۾ منعقد ٿيندو. حڪومت ۽ پي پي پي مخالف ڌر سان قومي مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ترجمان چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق حڪومت، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن امير مقام، راڻا ثناءُ الله، محسن نقوي، طارق فضل چوڌري، مملڪتي وزير طلال چوڌري، سينيٽر شيري رحمان، قومي اسيمبلي جي ميمبرن نويد قمر، اعجاز جکراڻي جڏهن ته مخالف ڌر جا اڳواڻ بئريسٽر گوهر خان، راجا ناصر عباس، ملڪ عامر ڊوگر ۽ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کانسواءِ سلمان اڪرم راجا به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.

مزید خبریں