اسلام آباد - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صوماليه جي سمنڊ ڪناري بازيابي دوران فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهرين جي گهرڀاتين جي لاءِ هڪ ڪروڙ 25 لک رپيا في خاندان مالي مدد، انهن جي ٻارن جي لاءِ مفت تعليم ۽ رهائش جو اعلان ڪيو آهي. هن پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستان جي سفارتخاني کي هدايت ڪئي ته صومالي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ رهندي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران صوماليه ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني ڪاشف عمر جي پٽ اذهان ڪاشف کي ٽيليفون، دلي تعزيت جو اظهار، بازيابي دوران فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهرين جي گهرڀاتين لاءِ مالي مدد، ٻارن جي لاءِ مفت تعليم ۽ رهائش جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صوماليه جي سمنڊ ڪناري بازيابي دوران فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهرين جي گهرڀاتين جي لاءِ هڪ ڪروڙ 25 لک رپيا في خاندان مالي مدد، انهن جي ٻارن جي لاءِ مفت تعليم ۽ رهائش جو اعلان ڪيو آهي. هن پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستان جي سفارتخاني کي هدايت ڪئي ته صومالي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ رهندي ميتن جي پاڪستان منتقلي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف صوماليه ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني ڪاشف عمر جي پٽ اذهان ڪاشف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد ڪاشف عمر جي لاڏاڻي تي سندس پٽ اذهان ڪاشف سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعالى کيس جنت ۾ اعلى مقام عطا فرمائي ۽ توهان جي خاندان کي ان صدمي کي برداشت ڪرڻ جي همت ڏي. وزيراعظم ان جي والد ۽ باقي ٻن فوت ٿيندڙ پاڪستانين جون ميتون جلد کان جلد پاڪستان آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي خاطري ڪرائي. هن پرڏيهي وزارت ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل ادارن کي ڪاشف عمر ۽ باقي ٻن فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان هر مرحلي تي سڌوسنئون رابطي جي هدايت ڪئي. ڪاشف عمر ٽن پاڪستانين ۾ شامل هو جيڪي صوماليه ۾ هاءِ جيڪ ڪيل سامونڊي جهاز مان بازيابي دوران فوت ٿيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صوماليه جي سمنڊ ڪناري بازيابي دوران فوت ٿيندڙ ٽنهي پاڪستانين سيد ڪاشف عمر، محمود احمد انصاري ۽ رفيع الله خان جي گهرڀاتين جي لاءِ مالي مدد، انهن جي ٻارن جي لاءِ مفت تعليم ۽ رهائش جو اعلان ڪيو آهي. هن بازيابي دوران فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهرين جي گهرڀاتين جي لاءِ هڪ ڪروڙ 25 لک رپيا في خاندان مالي مدد جو اعلان ڪيو. وزيراعظم فوت ٿيندڙ پاڪستانين جي ٻارن کي حڪومت پاران مفت تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم انهن ماڻهن جي گهرڀاتين کي حڪومت پاران في خاندان رهائش جي لاءِ هڪ گهر پڻ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته سوڳوار خاندانن کي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، حڪومت هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستان جي سفارتخاني کي هدايت ڪئي ته صومالي عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ رهندي ميتن جي پاڪستان منتقلي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. هن زخمي پاڪستانين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي ۽ ٻئي پاڪستاني عملي جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ پڻ سمورا ممڪن قدم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.










