انتشار ڦهلائڻ يا 9 مئي جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي فيصلائتي طاقت سان منهن ڏنو ويندو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به بهاني سان انتشار ڦهلائڻ يا 9 مئي جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي مضبوط هٿن ۽ قانون جي پوري طاقت سان منهن ڏنو ويندو، افغانستان مان جنم وٺندڙ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي دفاع جي حق جي توثيق، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي “مڪه گڏيل …

راولپنڊي – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به بهاني سان انتشار ڦهلائڻ يا 9 مئي جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي مضبوط هٿن ۽ قانون جي پوري طاقت سان منهن ڏنو ويندو، افغانستان مان جنم وٺندڙ ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي دفاع جي حق جي توثيق، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي “مڪه گڏيل دفاعي معاهدي” جي ڀرپور آجيان ۽ حرمين شريفين جي تحفظ جو اڻٿڪ عزم ورجايو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ 277هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿي. فورم هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن ۽ ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ سول سوسائٽي جي ميمبرن لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ انهن جي لازوال قربانين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. فورم موجوده سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اعلى درجي جي آپريشنل تياري برقرار رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. فورم پاڪستان جي دفاع جي حق ۽ افغانستان مان جنم وٺندڙ دهشتگردي جي خلاف ٽارگيٽيڊ ڪارروائي جي حق جي توثيق ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت جي چوڻ تي دهشتگردي جي سهولتڪاري ڪندڙ طالبان جي گمراهه ڪندڙ قيادت ئي ان جي نتيجن جي مڪمل ذميوار آهي. فورم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران دهشتگردي جي خلاف مسلسل ۽ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز کي ساراهيو جڏهن ته ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انهن عسڪري ڪوششن کي غيرعسڪري قدمن سان ٺوس ڪيو وڃي جن ۾ هيٺئين سطح تي عوام دوست طرز حڪمراني، عوام سان اسٽريٽجڪ رابطن، مفاد پرست عنصرن جي سرپرستي ۾ هلندڙ دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ڳٺ جوڙ جو خاتمو ۽ نيشنل ايڪشن پلان ۽ ويزن “عزمِ استحڪام” موجب پوليس جي صلاحيتن ۾ اضافو شامل آهي. فورم داخلي استحڪام جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ عزم جو اظهار ڪيو ته ڪنهن به بهاني سان انتشار ڦهلائڻ يا 9 مئي جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي بنا ڪنهن فرق، قانون جي عملداري ۽ فيصلائتي طاقت سان منهن ڏنو ويندو. فورم پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ “مڪه گڏيل دفاعي معاهدي” جي آجيان ڪئي ۽ پراڻي اسٽريٽجڪ ۽ گڏيل دفاعي لاڳاپن ۾ ان جي ڪردار کي ساراهيو. فورم سعودي عرب جي خلاف حوثين جي حملن تي شديد مذمت جو اظهار ڪيو، ڀائر ملڪ سان يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ حرمين شريفين جي تحفظ ۽ تقدس جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. فورم غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پاڪستان جي اصولي موقف کي پڻ ورجايو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير تڪرار جي حل جي حمايت جي توثيق ڪئي. فيلڊ مارشل فارميشنز جي آپريشنل تيارين ۽ پيشيواراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي. هن ڪمانڊرز کي هدايت ڪئي ته اهي انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز کي وڌيڪ مستحڪم ڪن ۽ جديد ٽيڪنالاجي، تربيت ۽ ملٽي ڊومين انضمام جي ذريعي جنگي صلاحيتن کي سگهه ڏين. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هٿياربند فوج قوم جي اڻٿڪ حمايت سان پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ مڪمل طور تي هر وقت تيار آهي.

مزید خبریں