وزيراعظم پاران ماهوار معاشي آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ ملڪي معيشت جي اهم انگن اکرن ۾ بهتري جي آجيان

اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماهوار معاشي آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ ملڪي معيشت جي اهم انگن اکرن ۾ بهتري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪي معيشت تي اعتماد جو مظهر آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ اضافو معاشي استحڪام طرف مثبت اڳڀرائي جو عڪاس آهي. خميس …

اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماهوار معاشي آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ ملڪي معيشت جي اهم انگن اکرن ۾ بهتري جي آجيان ڪندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ملڪي معيشت تي اعتماد جو مظهر آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ اضافو معاشي استحڪام طرف مثبت اڳڀرائي جو عڪاس آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ مٽاسٽا جو ناڻو 6.3 ارب ڊالر مان وڌي 7.3 ارب ڊالر ٿي ويو، آگسٽ ۾ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ 16.5 سيڪڙو اضافو خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن جيڪي پنهنجي محنت جي ڪمائي وطن واپس موڪلين ٿا، روانگي واپار ۾ 4 سيڪڙو اضافو ملڪي معيشت جي لاءِ حوصلي جوڳي اڳڀرائي آهي. هن چيو ته حڪومت برآمدي شعبي جي ترقي ۽ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ۽ سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ اضافو معاشي استحڪام طرف مثبت اڳڀرائي جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ مجموعي غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ 80.2 سيڪڙو اضافو سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جو اظهار آهي، حڪومت سيڙپڪارن کي موزون ماحول فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن ملڪ ۾ معاشي سرگرميون بهتر ٿين. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 26.8 ارب ڊالر تائين پهچڻ معيشت جي ٻاهرئين شعبي ۾ بهتري جي عڪاسي ڪن ٿا، معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سڌارن ۽ موثر معاشي پاليسين تي عملدرآمد جاري رکندي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت کي پائيدار بنيادن تي قائم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وڏي صنعتن جي پيداوار ۾ اضافو معاشي سرگرمين ۾ بهتري جي علامت آهي. وزيراعظم چيو ته جولاءِ ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 3.03 سيڪڙو اضافو حوصلي جوڳو آهي، زرعي قرضن ۾ اضافو زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگارن جي مالي مدد جي لاءِ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم چيو ته ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ نمايان اضافو ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جو مظهر آهي، جولاءِ ۾ ڪمپنين جي رجسٽريشن 38.8 سيڪڙو اضافي سان 10199 ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج۾ نمايان اضافو سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري جي عڪاسي ڪري ٿو، حڪومت معيشت جي سمورن شعبن ۾ سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي ذريعي معاشي وڌاويجهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪندي. وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۽ روزگار ۽ ڪاروبار جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پنهنجون ڪوششون جاري رکندي، پاڪستان کي هڪ مضبوط، مستحڪم ۽ پائيدار معيشت بڻائڻ جي لاءِ سڌارن جو عمل وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

مزید خبریں