عزم استحڪام ويزن تحت اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪارروائي، خوارجين جا ٺڪاڻا ۽ سرنگهون تباهه، ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي-01 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي قبائلي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج جا ڪيترائي ٺڪاڻا ۽ ڳجهيون سرنگهون تباهه ڪري ڇڏيون. سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن دوران ڪيترن ئي خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي جڏهن ته سندن ڳجهن ٺڪاڻن مان وڏي مقدار ۾ بارودي مواد به هٿ آيو. فورسز سرچ آپريشن دوران ملندڙ ڌماڪيدار مواد کي بم …

راولپنڊي-01 آڪٽوبر (اي پي پي)خيبرپختونخوا جي قبائلي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج جا ڪيترائي ٺڪاڻا ۽ ڳجهيون سرنگهون تباهه ڪري ڇڏيون. سيڪيورٽي ذريعن موجب آپريشن دوران ڪيترن ئي خوارجي دهشتگردن کي ماريو ويو آهي جڏهن ته سندن ڳجهن ٺڪاڻن مان وڏي مقدار ۾ بارودي مواد به هٿ آيو. فورسز سرچ آپريشن دوران ملندڙ ڌماڪيدار مواد کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي مدد سان حفاظت سان ناڪاره بڻائي ڇڏيو. سيڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته عزم استحڪام ويزن تحت سڄي ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ جٽادار امن جي قيام لاءِ ڪارروايون بنا رڪاوٽ جاري رهنديون.

مزید خبریں