ڪراچي - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي استحڪام کي ٽيم ورڪ ۽ مسلسل محنت جو نتيجو قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي معيشت هاڻي صنعتڪاري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي ٻڌل پائيدار ترقي ۽ روزگار پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي گهرجائو آهي، معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نجي شعبي ۽ سيڙپڪارن جو ڪردار اهم آهي، تعميراتي صنعت جو فروغ ملڪي معيشت ۽ …
معاشي استحڪام ٽيم ورڪ ۽ مسلسل محنت جو نتيجو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
ڪراچي – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشي استحڪام کي ٽيم ورڪ ۽ مسلسل محنت جو نتيجو قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي معيشت هاڻي صنعتڪاري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي ٻڌل پائيدار ترقي ۽ روزگار پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي گهرجائو آهي، معيشت کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نجي شعبي ۽ سيڙپڪارن جو ڪردار اهم آهي، تعميراتي صنعت جو فروغ ملڪي معيشت ۽ روزگار جي لاءِ ضروري آهي، معاشي حالتن جي بهتري ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت جو گڏيل تعاون انتهائي اهم آهي، حڪومت سنجيدگي سان ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ سڌارن کي عملي جامعو پارايو آهي، پاڪستان انشاءَ الله دنيا جي نقشي تي هڪ طاقتور معيشت بڻجي اڀرندو. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن هتي نيا ناظم آباد اپارٽمينٽس جي لسٽنگ جي موقعي تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منعقد گونگ تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ميان رياض حسين پيرزاده، ڊاڪٽر مصدق ملڪ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا جڏهن ته تقريب ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر، ناليواري ڪاروباري اڳواڻ عارف حبيب ۽ ڪارپوريٽ شعبي جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان کي هاڻي پنهنجي معيشت ۾ ترقي، خاص طورتي روانگي واپار تي ٻڌل گروٿ ڏيکارڻي پوندي، جنهن جي نتيجي ۾ روزگار، پيداواري سرگرمين، شين ۽ خدمتن جي پهچ ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ پاڪستان جي معيشت کي وڌيڪ استحڪام ملندو جڏهن ته نجي شعبي کي اڳتي وڌڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان انشاءَ الله دنيا جي نقشي تي هڪ طاقتور معيشت بڻجي اڀرندو ۽ دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت کي مشڪل حالتن مان ڪڍي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽيم ورڪ مثالي آهي جنهن تي ناڻي وارو وفاقي وزير، سندس ٽيم، لاڳاپيل وزير، صوبائي وڏا وزير ۽ ٻين ادارن جا سربراهه مبارڪباد ۽ ساراهه جا مستحق آهن. وزيراعظم نيويارڪ ۽ لنڊن ۾ پنهنجي تازن دورن جي دوران عالمي بئنڪارن ۽ مالياتي شعبي جي اڳواڻن بشمول سٽي بئنڪ، جي پي مورگن ۽ بارڪليز جي اعلى عهديدارن سان ملاقاتن جو حوالو ڏيندي چيو ته عالمي مالياتي ادارن پاڪستان پاران ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ ڍانچاجاتي سڌارن تي عملدرآمد کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت سنجيدگي سان ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ سڌارن کي عملي جامعو پارايو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان ۾ پُرڪشش حالتون ڏٺيون پيون وڃن. هن ٻڌايو ته نيويارڪ ۾ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات دوران هن چيو ته “پرائيم منسٽر، هي نئون پاڪستان آهي” جنهن تي مون جواب ڏنو ته هي نئون پاڪستان نه پر هڪ نئين ٽيم آهي جنهن گڏجي پاڪستان جي معاشي حالتن کي سڌاريو آهي. محمد شهباز شريف چيو ته اهو ٽيم ورڪ آهي جنهن ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت عظيم حصيدارن جي طور تي ان انتهائي ذميواري جي ڪم کي اڳتي کڻي هلي رهي آهي. هن چيو ته اهڙي طرح ٻاهرئين مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ا ضافو ٿيو ۽ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ پڻ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي. هاڻي اصل ضرورت اها آهي ته پاڪستان جي معيشت ۾ گروٿ ڏيکاري وڃي ۽ اها بنيادي طور تي روانگي واپار تي ٻڌل گروٿ جي ذريعي ٿيڻ گهرجي. ان سان روزگار، پيداواري روزگار، پيداوار، شين ۽ خدمتن جي پهچ ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، جنهن سان پاڪستان جي معيشت کي وڌيڪ سگهه ملندي. وزيراعظم چيو ته اهو سمورو ڪم نجي شعبي کي ڪرڻو آهي، انهي مقصد جي لاءِ حڪومت پاران اعلان ڪيل بجيٽ ۾ برآمد ڪندڙن، مينوفيڪررز ۽ صنعتن جي لاءِ ڪيترائي سئو ارب رپين جون ٽيڪس مراعتون رکيون ويون آهن. هن تعميراتي صنعت جو ذڪر ڪندي عارف حبيب کي نئين ناظم آباد کي “ريٽ” جي اسٽرڪچر ۾ لانچ ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته لاهور ۽ ڪراچي ۾ انهي اسٽرڪچر جي اندر رهندي تعمير ڪيل پروجيڪٽس انتهائي ساراهه جوڳا آهن. ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته ان ۾ تمام سٺي پرفارمنس آهي، جڏهن ته اڃا به ان ۾ ڪجهه جهول ۽ ڪمزوريون آهن. هن چيو ته خطي جي ملڪن جي اسٽاڪ ايڪسچينجز کي سامهون رکندي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ جيڪي تبديليون آڻڻ گهرجن، انهن جي لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. محمد شهباز شريف ڪجهه اهڙين صنعتن جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ درآمدي متبادل جي مقصد جي لاءِ قائم ڪيل صنعتن جو ذڪر ڪندي چيو ته اٽڪل 60 سال اڳ ان حوالي سان هڪ مضبوط ويزن تحت ڪجهه صنعتون قائم ڪيون ويون، انهن کي سپورٽ ۽ سبسڊي ڏني وئي ته جيئن اهي صنعتون ترقي ڪن، روزگار ۽ پيداواري روزگار فراهم ڪن ۽ پنهنجي پيداوار اڳتي وڌائين. هن قومي مفاد کي ذاتي مفاد تي ترجيح ڏيڻ ۽ ديانتداراڻو طرزعمل اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته ترقي جديد مشينري، پيداواري صلاحيت ۽ محنت سان ئي ممڪن آهي. وزيراعظم چيو ته حالت ان وقت بدلجندي جڏهن رت پگهر وهايو وڃي، ڏينهن رات محنت ڪئي وڃي ۽ پاڪستان کي ان مقام تائين وٺي وڃجي جيڪو ان جو مقام آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر عارف حبيب کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بجيٽ ۾ ڪنسٽرڪشن انڊسٽري جي لاءِ ڏني ويندڙ مراعتن جا نتيجا آهستي آهستي سامهون اچي رهيا آهن ۽ ڪراچي ۾ خاص طور تي اها صنعت هاڻي ٽيڪ آف ڪري رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ٻين حصن ۾ به ان جا اثر پوڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ان شعبي تي ڀرپور ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته 40 صنعتن جي مصنوعات ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ۾ استعمال ٿئي ٿي، پر فائيلز جي ايڪسچينج کي ختم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اهو هڪ شاندار ٽيم ورڪ آهي ۽ ٽيم ورڪ کانسواءِ ڪڏهن به نتيجا حاصل نه ٿا ٿين. هن نيب چيئرمين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هن اربين نه پر کربين رپين جون زمينون نه رڳو ريڪور ڪيون پر ڊسڪور به ڪيون آهن. وزيراعظم لينڊ بئنڪ قائم ڪرڻ جي منصوبي کي پڻ ساراهيو. هن ناڻي واري وفاقي وزير، ڪابينا جي ميمبرن، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ وفاقي سيڪريٽرين جا خصوصي طور تي ٿورا ادا ڪندي چيو ته انهن معاشي استحڪام جو اهڙو قابل عمل ماڊل قائم ڪيو آهي جنهن کي ٻين شعبن ۾ پڻ اختيار ڪري سگهجي ٿو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان پائيدار ترقي جي راهه تي واپس آيو آهي. وزيراعظم چيو ته سڌارن تي ڪامياب عملدرامد ۽ معاشي استحڪام سياسي ۽ مالياتي قيادت جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي تي ٻڌل حصيداري جو نتيجو آهي. اهم معاشي انگن اکرن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان 3 ارب ڊالر ماليت جا يورو بانڊ ڪاميابي سان جاري ڪيو جنهن جي لاءِ 6 ارب ڊالر جي آڇ مول ٿيون جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي ناني جا ذخيرا وڌي اٽڪل 21.4 ارب ڊالر ۽ ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 5.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن. هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۽ آءِ ٽي روانگي واپار ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ جي ڪارڪردگي پڻ حوصلي جوڳي آهي. جڏهن ته وزيراعظم استحڪام سان ترقي طرف اڳڀرائي تي زور ڏيندي چيو ته ملڪي معيشت کي ٽيڪنالاجي، روزگار جي موقعن، پيداوار ۽ روانگي واپار تي ٻڌل اقتصادي ترقي جي ذريعي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. هن ياد ڏياريو ته مالي سال 27 – 2026ع جي وفاقي بجيٽ ۾ برآمد ڪندڙن، صنعتڪارن ۽ مختلف صنعتي شعبن بشمول تعميرات جي شعبي جي لاءِ سوين ارب رپين جون ٽيڪس مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي قومي سلامتي ۽ معآسي ترقي جي لاءِ مسلسل حمايت ۽ عزم تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اهڙي مخلصاڻي ۽ مسلسل ڪوششن جي ذريعي پاڪستان هڪ مضبوط معيشت بڻجي اڀرندو ۽ عالمي دنيا ۾ پنهنجو مقام ۽ نالو پيدا ڪندو. ان کان اڳ ناليواري ڪاروباري شخصيت عارف حبيب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽ جي ڪارڪردگي علائقائي مارڪيٽنگ جي مقابلي ۾ نمايان رهي آهي، ڪيپيٽل مارڪيٽ طرف سيڙپڪارن جو رجحان وڌي رهيو آهي، پاڪستاني ڪرنسي جي قدر ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مقامي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. عارف حبيب چيو ته عالمي سيڙپڪار پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ حڪومتي پاليسين تي نظر رکي آهي، تنهن ڪري پاڪستان کي عالمي سطح تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.










