شهرين کي انهن جي درن تي تيز، شفاف ۽ معياري خدمتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهرين کي انهن جي درن تي تيز، شفاف ۽ معياري خدمتن جي فراهمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته عوام کي سرڪاري خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ آفيسن جا چڪر لڳائڻ جي ضرورت نه هجڻ گهرجي، آسان خدمت مرڪزن جي ذريعي شهرين کي هڪ ئي ڇت هيٺ ڪيترين ئي سرڪاري خدمتن جي وقت سر فراهمي حڪومت …

اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهرين کي انهن جي درن تي تيز، شفاف ۽ معياري خدمتن جي فراهمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته عوام کي سرڪاري خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ آفيسن جا چڪر لڳائڻ جي ضرورت نه هجڻ گهرجي، آسان خدمت مرڪزن جي ذريعي شهرين کي هڪ ئي ڇت هيٺ ڪيترين ئي سرڪاري خدمتن جي وقت سر فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ پاڪستان آسان خدمت سينٽر جي ڪارڪردگي، سينٽر جي توسيع ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پاڪستان آسان خدمت سينٽرز قائم ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم پاڪستان آسان خدمت سينٽر ۾ مختلف سهولتن جي فراهمي جي وقت ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ، پاڪستان آسان خدمت سينٽر جي توسيع جو عمل تيز ڪرڻ، شهرين جي ضرورت موجب مختلف ڪائونٽرز تي عملي جو انگ وڌائڻ، آسان خدمت مرڪز اسلام آباد جي ٽئين ڌر کان ڪرايل ڪارڪردگي جي آڊٽ رپورٽ پيش ڪرڻ، مظفرآباد،گلگت ۽ اسڪردو ۾ آسان خدمت مرڪزن تي جاري ڪم تيز ڪرڻ ۽ انهن سينٽرز کي جلد فعال ڪرڻ، پشاور ۽ بنون ۾ آسان خدمت مرڪزن جي قيام جي لاءِ فوري قدم شروع ڪرڻ ۽ پشاور ۽ بنون ۾ موجود وفاقي عمارتن ۾ آسان خدمت مرڪز قائم ڪرڻ جو جامع منصوبو جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نجي شعبي سان گڏجي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ پڻ آسان خدمت مرڪز قائم ڪيا وڃن. اجلاس ۾ وزيراعظم کي آسان خدمت مرڪز اسلام آباد جي توسيع، سينٽر ۾ فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن ۽ ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته آسان خدمت مرڪز اسلام آباد ۾ جنوري کان سيپٽمبر تائين هڪ لک 71 هزار کان وڌيڪ درخواستن تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، خدمتن تي 99.5 سيڪڙو شهرين اطمينان جو اظهار ڪيو، آسان خدمت مرڪز اسلام آباد ۾ خدمتن جي فراهمي جو سراسري وقت 3 کان 10 منٽ آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پاڪستان آسان خدمت سينٽرز قائم ڪرڻ تي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، طارق فضل چوڌري ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعلى آفيسر پڻ اجلاس ۾ شريڪ هئا.

مزید خبریں