ڀٽائي نگر پوليس جو مبينه مقابلو، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

حيدرآباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس علمدار چوڪ کان گهوڙا گرائونڊ ڏانهن ويندڙ رستي تان مبينه مقابلي کان پوءِ هڪ ملزم وقار عرف وحيد لغاري کي  زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي. پوليس موجب ملزم جا ٻه ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جڏهن ته زخمي ملزم کي علاج جي اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو آهي. پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته …

حيدرآباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس علمدار چوڪ کان گهوڙا گرائونڊ ڏانهن ويندڙ رستي تان مبينه مقابلي کان پوءِ هڪ ملزم وقار عرف وحيد لغاري کي  زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي. پوليس موجب ملزم جا ٻه ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جڏهن ته زخمي ملزم کي علاج جي اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو آهي. پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ملزم جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي ۽ حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ 20 ڪيسن ۾ ملوث آهي جنهن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڀڄي ويل جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

مزید خبریں