اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري فاطمه زهراءِ المنصوري کي مراڪش جي پهرين عورت وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. خاتون اول چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جيڪا مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جي جي ڌيءَ هجڻ جي ناطي هوءَ هن تاريخي لمحي سان هڪ خاص تعلق محسوس ڪري ٿي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو انقلابي …
خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران فاطمه زهراءِ المنصوري کي مراڪش جي پهرين عورت وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري فاطمه زهراءِ المنصوري کي مراڪش جي پهرين عورت وزيراعظم ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. خاتون اول چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جيڪا مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جي جي ڌيءَ هجڻ جي ناطي هوءَ هن تاريخي لمحي سان هڪ خاص تعلق محسوس ڪري ٿي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو انقلابي سفر اڄ به مسلمان دنيا ۽ ان کان اڳتي جي عورتن جي نسلن لاءِ مشعل راهه آهي. خاتون اول وزيراعظم فاطمه زهراءِ المنصوري جي لاءِ نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ کيس ۽ ڀائر ملڪ مراڪش جي عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي تاريخي سنگ ميل سڄي مسلمان دنيا جي عورتن ۽ ڇوڪرين کي قيادت جا عهدا سنڀالڻ ۽ پنهنجي معاشرن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ تحرڪ فراهم ڪندو.










