اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ٽن خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباش ڏني. وزيراعظم دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين کي ساراهيو. …
وزيراعظم پاران مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ٽن خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ٽن خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباش ڏني. وزيراعظم دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين کي ساراهيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فتنه الخوارج جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جُون ڪارروايون قابل تحسين آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي ناسُور جو مڪمل خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.










