اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ڪوآرڊينيٽرن جي هڪ وفد پاڪستان جي 2027ع ۾ ايس سي او جي ايندڙ سرگرمين جي ميزباني جي سلسلي ۾ جاري تيارين تحت پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) اسلام آباد جو دورو ڪيو. اڱاري ڏينهن پي اين سي اي جي ترجمان موجب قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي سيڪريٽري اسد …
ايس سي او ميمبر ملڪن جي ڪوآرڊينيٽرن جي وفد جو پاڪستان جي 2027ع ۾ ايس سي او جي ايندڙ سرگرمين جي ميزباني جي سلسلي ۾ جاري تيارين تحت پي اين سي اي جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ڪوآرڊينيٽرن جي هڪ وفد پاڪستان جي 2027ع ۾ ايس سي او جي ايندڙ سرگرمين جي ميزباني جي سلسلي ۾ جاري تيارين تحت پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) اسلام آباد جو دورو ڪيو. اڱاري ڏينهن پي اين سي اي جي ترجمان موجب قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني وفد جي شاندار آجيان ڪئي. هن معزز مهمانن جو استقبال ڪندي پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي، فنون لطيفه جي روايتن ۽ گڏيل مفاهمت ۽ علائقائي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ ثقافت جي ڪردار تي بريفنگ ڏني. دوري دوران وفد پي اين سي اي جي مختلف آرٽ گئلرين جو دورو ڪيو جن ۾ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي حوالي سان منعقد تصويري نمائش ۽ مشهور صادقين گئلري به شامل هئي، جتي پاڪستان جي مشهور مصور صادقين جي شاندار فني ورثي کي اجاگر ڪيو ويو آهي. وفد پاڪستان جي متنوع ۽ رنگارنگ فنون لطيفه جي عڪاسي ڪندڙ ثقافتي پروگرام پڻ ڏٺا. پي اين سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل محمد ايوب جمالي وفد کي ڪائونسل جي دائري اختيار، پاڪستان جي بصري ۽ ثقافتي فنون کي هٿي ڏيڻ ۽ محفوظ ڪرڻ ۾ ان جي ڪردار ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ثقافتي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ جاري قدمن بابت آگاهه ڪيو. قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني ايس سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۾ ثقافتي سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪندي آڇ ڪئي ته ايندڙ ايس سي او سرگرمين دوران ميمبر ملڪن کي پنهنجي فن، ثقافت ۽ روايتي ورثي کي ثقافتي اسٽالز ۽ نمائشن ذريعي اجاگر ڪرڻ لاءِ پي اين سي اي جي اڱڻ کي پليٽ فارم طور استعمال ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي. دوري جي موقعي تي ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو ته ثقافتي تعاون علائقائي سفارتڪاري جو هڪ اهم جُزو آهي، جڏهن ته هي دورو بين الثقافتي ڳالهه ٻولهه، عوامي رابطن ۽ ايس سي او ميمبر ملڪن جي متنوع ثقافتي سڃاڻپ جي گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو به عڪاس آهي. اهڙين سرگرمين ذريعي پي اين سي اي ثقافتي سفارتڪاري جي هڪ متحرڪ مرڪز طور پنهنجو ڪردار جاري رکيو آهي جتي مختلف ملڪن کي پنهنجي ثقافتي ورثي کي اجاگر ڪرڻ، فني تجربن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل دوستي ۽ تعاون جي رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا موقعا فراهم ٿيندا آهن.










