پاڪستان 2027ع ۾ ڪيريڪ جي سربراهي سنڀالڻ ۽ 26 هين وزارتي ڪانفرنس جي ميزباني لاءِ تيار آهي: وفاقي وزير احسن اقبال

اولان باتور/منگوليا-29 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان 2027ع ۾ وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي تعاون (سي اي آر اي سي) جي سربراهي سنڀالڻ ۽ 26 هين وزارتي ڪانفرنس جي ميزباني لاءِ تيار آهي، جڏهن ته سي اي آر اي سي ڪوريڊورز کي جديد اقتصادي راهدارين ۾ تبديل ڪري وچ ايشيا کي عالمي مارڪيٽن سان جوڙي سگهجي ٿو. 25 …

اولان باتور/منگوليا-29 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان 2027ع ۾ وچ ايشيائي علائقائي اقتصادي تعاون (سي اي آر اي سي) جي سربراهي سنڀالڻ ۽ 26 هين وزارتي ڪانفرنس جي ميزباني لاءِ تيار آهي، جڏهن ته سي اي آر اي سي ڪوريڊورز کي جديد اقتصادي راهدارين ۾ تبديل ڪري وچ ايشيا کي عالمي مارڪيٽن سان جوڙي سگهجي ٿو. 25 هين سي اي آر اي سي وزارتي ڪانفرنس جي هڪ سيشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ٽرانسپورٽ روٽس کي صرف روڊن ۽ رستن تائين محدود رکڻ بدران انفرا اسٽرڪچر، لاجسٽڪس، ڊجيٽل رابطن، توانائي تعاون ۽ موسمياتي لچڪ کي گڏ ڪري ايندڙ نسل جي اقتصادي راهدارين ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪيريڪ ڪوريڊورز 5 ۽ 6 کي وچ ايشيا ۾ عربي سمنڊ سان ڳنڍڻ ۽ ان جي رستن تي اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جو اهم ذريعو سمجهي ٿو. احسن اقبال چيو ته هاڻي سوال صرف اهو ناهي ته ڇا ڪا ٽرڪ ان رستي تان گذري سگهي ٿي، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا ڪاروبار ان رستي کي اعتماد جوڳو، مقابلي وارو ۽ منافعي بخش انداز ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته علائقائي ڪوريڊور جي مڪمل ٿيڻ سان سي اي آر اي سي رستن کي اپ گريڊ ڪرڻ، طورخم ۽ چمن ۾ جديد سرحدي سهولتون قائم ڪرڻ، تجويز ڪيل ايم ايل ون اپ گريڊيشن ذريعي ريلوي فريٽ جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ڊرائي پورٽس ۽ سامونڊي بندرگاهن سان موثر رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اهم هنڌن تي لاجسٽڪس ۽ پيداواري مرڪز قائم ڪيا وڃن جتي ڪولڊ اسٽوريج، پيڪيجنگ، گودام ۽ هلڪي صنعتن کي هٿي ڏئي ٽرانزٽ ٽريفڪ کي روانگي واپار، روزگار ۽ مقامي آبادي لاءِ معاشي موقعن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن ڪيريڪ خطي ۾ ڊجيٽل ڪوريڊور جي قيام تي به زور ڀريو ۽ چيو ته پاڪستان سنگل ونڊو علائقائي حصيدارن سان مرحليوار ڊجيٽل انضمام لا هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ڪنهن کيپ جا دستاويز سرحد تائين پهچڻ کان اڳ ئي جاچ مڪمل ٿيڻ گهرجي. احسن اقبال علائقائي توانائي تعاون ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي اهميت اجاگر ڪندي چيو ته ڪاسا – 1000 جهڙا منصوبا سرحد پار توانائي رابطن جي صلاحيت جو ثبوت آهن، هن چيو ته نوان رستا، ريلوي ۽ لاجسٽڪس انفرااسٽرڪچر کي ٻوڏ ۽ شديد گرمي جهڙين موسمياتي خطرن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت کي نظر ۾ رکندي ڊزائين ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته حقيقي تبديلي ان وقت ايندي آهي جڏهن هڪ ڪوريڊور صرف ڪارگو ئي نه پر سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ موقعا به منتقل ڪري. ان کان اڳ وفاقي وزير ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان 2027ع ۾ سي اي آر اي سي جي سربراهي سنڀالڻ ۽ 26 هين وزارتي ڪانفرنس جي ميزباني جو منتظر آهي. ٻئي پاسي 25 هين سي ار آر اي سي وزارتي ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال CAREC Capital Markets Development forum (CMDF) ۽ ASEAN Capital Markets forum (ACMF) وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. مفاهمتي يادداشتن جو مقصد سي اي آر اي سي ۽ آسيان جي ميمبر ملڪن جي ڪيپيٽل مارڪيٽن وچ ۾ تعاون ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ، تجربن ۽ معلومات جي مٽاسٽا، ريگوليٽري تعاون ۽ علائقائي مالياتي انضمام لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ آهي.

مزید خبریں