وزيراعظم محمد شهباز شريف جي برطانيا جي دوري دوران دنيا جي ناليواري مالياتي ادارن بارڪليز، جي پي مورگن، سٽي، بليڪ راڪ ۽ روٿ شيلڊ اينڊ ڪو جي اعلى عملدارن سان جدا جدا ملاقاتون

لنڊن - 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي دوري دوران دنيا جي ناليواري مالياتي ادارن بارڪليز، جي پي مورگن، سٽي، بليڪ راڪ ۽ روٿ شيلڊ اينڊ ڪو جي اعلى عملدارن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ پاڪستان جي معاشي سڌاراجاتي ايجنڊا، معاشي استحڪام، سيڙپڪاري جي سازگار ماحول ۽ عالمي مالياتي شعبي سان تعاون جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري …

لنڊن – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي دوري دوران دنيا جي ناليواري مالياتي ادارن بارڪليز، جي پي مورگن، سٽي، بليڪ راڪ ۽ روٿ شيلڊ اينڊ ڪو جي اعلى عملدارن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ پاڪستان جي معاشي سڌاراجاتي ايجنڊا، معاشي استحڪام، سيڙپڪاري جي سازگار ماحول ۽ عالمي مالياتي شعبي سان تعاون جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بارڪليز جي هيڊ آف پرائيويٽ بئنڪ اينڊ ويلٿ مئنيجمينٽ يو ڪي محمد ڪمال سيد سان ملاقات ۾ وزيراعظم پاڪستان ۾ بئنڪ جي دلچسپي جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کيس حڪومت پاران معاشي استحڪام جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ بارڪليز کي پاڪستان جي مالياتي شعبي ۽ ڪاروباري موقعن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. جي پي مورگن جي شريڪ چيف ايگزيڪيوٽو ميٿيو ولٽز جي قيادت ۾ اعلى سطحي وفد سان ملاقات ۾ سرمايه مارڪيٽس، واپاري فنانسنگ ۽ انويسٽمينٽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم جي پي مورگن کي پاڪستان ۾ پنهنجي سرگرمين ۽ موجودگي کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. وفد پاڪستان جي خودمختيار قرضن جي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۽ ڪارپوريٽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. سٽي جي چيف ڪلائنٽ آفيسر ڊيوڊ ليونگ اسٽون جي قيادت ۾ اعلى عملدارن سان ملاقات ۾ وزيراعظم پاڪستان ۾ بئنڪ جي ڊگهي عرصي کان موجودگي کي ساراهيو ۽ ڪارپوريٽ ۽ اداراجاتي بئنڪنگ جي خدمتن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوصلا افزائي ڪئي. بليڪ راڪ جي ايمرجنگ مارڪيٽس اينڊ فرنٽيئرز جي شريڪ سربراهن گورڊن فريزر ۽ سيم ويچ جڏهن ته پورٽ فوليو مئنيجر ۽ ريسرچ اينالسٽ ايملي فليچر تي ٻڌل وفد سان ملاقات ۾ وزيراعظم فرنٽيئر مارڪيٽس حڪمت عملي تحت پاڪستاني ايڪويٽيز ۽ فڪسڊ انڪم ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي طرفن کان سيڙپڪارن جي اعتماد جي لاءِ پاليسين ۾ تسلسل جي اهميت تي زور ڏنو ويو. روٿ شيلڊ اينڊ ڪو جي چيئر، جيو اسٽريٽجڪ ايڊوائيزري لارڊ مارڪ سيڊول ۽ هيڊ آف يو ڪي انويسٽمينٽ بئنڪنگ مجيد اسحاق سان ملاقات ۾ پاڪستان جي جيو اڪنامڪ ترجيحن ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽس ۽ سيڙپڪاري جي حڪمت عملي جي حوالي سان امڪاني مشاورتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سمورين ملاقاتن دوران عالمي مالياتي ادارن جي اعلى عملدارن پاڪستان جي معاشي سڌاراجاتي عمل ۾ اڳڀرائي تي اعتماد جو اظهار ڪندي ملڪ جي مالياتي شعبي سان تعاون ۽ رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقاتن سان پاڪستان جي معاشي سڌاراجاتي پروگرام جي حوالي سان عالمي مالياتي ادارن جي وڌندڙ دلچسپي ۽ اعتماد جي عڪاسي ٿئي ٿي. اهي ملاقاتون حڪومت پاران عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ پائيدار سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ جاري وسيع تر ڪوششن ۾ اهم اڳڀرائي آهي. ملاقاتن ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ وزيراعظم جو نجڪاري وارو صلاحڪار ۽ نجڪاري ڪميشن جو چيئرمين محمد علي پڻ موجود هئا.

مزید خبریں